نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ان يقين جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستاني ڄاوا آ??ري??ي پنهنجي مٽاسٽا جي ناڻي، سيڙپڪاري ۽ فلاحي ڪمن جي ذريعي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار اتر آ??ري??ا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڄائي ڊاڪٽرن جي تنظيم (اي پي پي اين اي) جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن اي??وسيئيشن جي صدر ڊاڪٽر ارشد ريحان جي قيادت ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ساڻس نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم پاڪستان ۾ ايپنا جي سماجي ڀلائي، تعليمي ۽ طبي امدادي مشنز ۽ پروگرامن سميت ڊاڪٽر ارشد ريحان جي پاڪستاني ڄائي آ??ري??ي ڪميونٽي جي وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي جي پيغام کي اڳتي وڌائڻ ۾ ايپنا م??بت ڪردار کي ساراهيو. هن اي پي پي اين اي کي پاڪستان ۾ هيلٿ ٽوئرازم، ميڊيڪل ۽ پيراميڊيڪل اي??وڪيشن، ٽريننگ ۽ اسڪل ڊيولپمينٽ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته 10 لک کان وڌيڪ پاڪستاني ڄائي آ??ري??ي پاڪستان جو اثاثو آهن ۽ ملڪ جي قومي ترقي ۾ انهن جي ڪردار کي پوري طرح تسليم ڪيو وڃي ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ آ??ري??ا ۾ پاڪستان جو اصل چهرو ۽ پاڪ آ??ري??ا لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ هڪ قيمتي پل آهن. هن و??د کي سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جي پختي عزم جو يقين ڏياريو. اي پي پي اين اي جي صدر ڊاڪٽر ارشد ريحان ميمبرن پاران نگران وزيراعظم سان ملاقات تي ٿورا مڃيا ۽ نگران وزيراعظم کي پاڪستان ۾ سماجي ڀلائي، تعيلمي ۽ طبي شعبن ۾ جاري اي پي پي اين اي جي ڪم بابت بريفنگ ڏني.