اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) ورلڊ بئنڪ چيو آهي ته 40 لک ڊالر جي لاڳت سان اينٽي گريٽيڊ فلڊ ريزيلينس ايڊاپشن منصوبي سان بلوچستان کي فائدو ٿيندو، رائز ٽو منصوبي تحت حڪومت مشڪلات سڌارا ڪيا آهن، ان پروگرام جي ورلڊ بئنڪ گروپ جي بورڊ آف ڊا??ريڪٽرز کان جلد منظوري متوقع آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊا??ريڪٽر نجي بينهيسن نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ ورلڊ بئنڪ جي تازي عهديدارن جي ڪارڪردگي کان کيس آگاهه ڪيو ۽ ان سان حڪومت جي ترجيحن جي روشني ۾ رهنمائي جي گذارش ڪئي ۽ ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي ز??ر ڏنو. نگران وزيراعظم ترقياتي قدمن تي ز??ر ڏيندي چيو ته ڳوٺاڻي علا??قن بدران شهرن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو آهي، پاڪستان ۾ ورلڊ بئنڪ جي ڪارڪردگي کي ساراهيُون ٿا. هن ورلڊ بئنڪ تي ز??ر ڏنو ته اها خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن سميت بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ترقياتي عمل ۾ وڌيڪ ڪردار ادا ڪري. نگران وزيراعظم بلوچستان ۾ ورلڊ بئنڪ جي فنڊ سان جاري بلوچستان اينٽي گريٽيڊ ورلڊ ريسورسز مئنيجمينٽ اينڊ ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ تي روشني وجهندي بلوچستان صوبي ۾ بهتر مئنيجمينٽ کي ساراهيو. ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊا??ريڪٽر چيو ته بلوچستان ۾ خاص طور تي ڳوٺاڻي علا??قن ۾ گهڻو ڪري وڌيڪ ڪم جي ضرورت آهي. هن 40 لک ڊالر جي اينٽي گريٽيڊ فلڊ ريزيليئنس پراجيڪٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته ان سان نه رڳو ٻوڏ کان متاٿر علائقي پر صوبي جي ڳوٺاڻي علائقن جي رهواسين کي پڻ فائدو ٿيندو. ناڻي واري نگران وزير مالياتي گنجائش کي اجاگر ڪندي چيو ته هو وزيراعظم کي بجيٽ سپورٽ پروگرام تي بريفنگ ڪري. ڪنٽري ڊا??ريڪٽر اعتراف ڪيو ته هن نگران وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته ورلڊ بئنڪ گروپ جي بورڊ آف ڊا??ريڪٽرز کان اهو پروگرام جلد منظور ٿي ويندو. ناڻي واري نگران وزير ڪنٽري ڊا??ريڪٽر کي چيو ته غيرملڪي وسيلن جي وڌ کان وڌ ورڇ ۽ ان ۾ تيزي جي لاءِ آپريشنز کي ٻيهر شروع ڪرڻ جي لاءِ امڪانن جو جائزو وٺي. نگران وزيراعظم ۽ ناڻي واري نگران وزير عالمي بئنڪ کي چيو ته اها ترقياتي حصيدارن جي ترجيحن کي حڪومت جي سڌاراجاتي ايجنڊا سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ رهنمائي ڪري. نگران وزيراعظم 2022ع جي ٻوڏ دوران پاڪستان جي فوري مدد تي ع??لمي بئنڪ کي خاص طور تي ساراهيو.