اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) تع??يم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته قومي خوشحالي نوجوانن کي سمورين ضروري مهارتن سان آراسته ڪرڻ ۾ موجود آهي. ملڪ ۾ هنرمندي جي تع??يم کي هٿي ڏيڻ ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي اسلام آباد جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. اهڙو اظهار هن يونيورس??ي جي وائس چانسلر سان ملاقات دوران ڪيو. وفاقي وزير چيو ته هنرمندي جي تع??يم جي لاءِ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي اسلام آباد جي تعريف ڪئي. هن چيو ته اسان کي عوام کي روزگار ڪمائڻ جي صلاحيتن واري تع??يم ڏيڻ جي ضرورت آهي. قومي خوشحالي جو حتمي حل نوجوانن کي انهن سمورين ضروري مهارتن سان ليس ڪرڻ ۾ موجود آهي جن جي ملڪ اندر توڙي پرڏيهه ۾ روزگار فراهم ڪندڙ ادارن کي ضرورت هوندي آهي. هن چيو ته اهم ڳالهه اها آهي ته سڄي ملڪ ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي اسلام آباد جي تيار ڪيل هنري تع??يم جي ماڊل کي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي، خاص ڪري ڳوٺاڻي سنڌ ۽ ٻين صوبن جي ڏورانهن علائقن کي ڪافي فائدو پهچي سگهي ٿو. جيڪڏهن نيشنل اسڪلز يونيورس??ي جي تعليمي حڪمت عملي کي لاڳو ڪيو وڃي ته هنرمندي جي تع??يم تائين پهچ ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. ان موقعي تي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار افتتاحي ميٽنگ دوران پرو چانسلر جي ويزن جي تعريف ڪئي. بريفنگ سيشن ۾ تع??يم واري وزير يونيورسٽي طرفان پيش ڪيل مختلف هنر سيکارڻ وارن پروگرامن ۾ گهري دلچسپي ورتي ۽ پنهنجي عملي کي مشورو ڏنو ته اهو نيشنل اسڪلز يونيورسٽي اسلام آباد جي دوري جو اهتمام ڪري. هوڏانهن نگران وفاقي وزير تع??يم کي ملڪ ۾ هنري تع??يم جي لاءِ يونيسڪو يو اين اي وي او سي سينٽر طور تي اين ايس يو جي منفرد عالمي اعزاز جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو. پروفيسر مختار چيو ته پرو چانسلر جي علمي بصيرت، ڳوٺاڻن علائقن جي نوجوانن جي مسئلن جي باري ۾ آگاهي ۽ بهترين شخصيت قومي تع??يم ينظام کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪافي ڀائديمند ثابت ٿيندي.