ڪان مهترزئي-20 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجي اباڻي علائقي ڪان مهترزئي قلعه سيف الله ۾ عوامي اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي چيو ته هو جلد پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪان مهترزئي جو دورو ڪري شهرين کي درپيش مسئلن جو ذاتي طور جائزو وٺندو ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. اهڙو اظهار هن ڪان مهترزئي واسين کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته هو علائقي جي سڀني سياسي قيادت، ق??ائ??ي ??ڳو??ڻن، عالم سڳورن، سول سوسائيٽي ۽ وڪيلن طرفان نگران وزيراعظم جي نامزدگي تي مبارڪون ڏيڻ تي شڪر گذار آهي، وزيراعظم پروگرام جو انتظام سنڀاليندڙن جو خ??ص طور تي ٿورو مڃيندي چيو ته ڪان مهترزئي، قلعه سيف الله کي ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر آڻڻ ۽ پٺتي پيل حالتن جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم ک??ند??، قلعه سيف الله ۽ بلوچستان جي ٻين علائقن ۾ ترقي جي عمل کي تيز ڪري روزگار جي فراهمي ۽ امن امان لاءِ قدم کنيا ويندا. تقريب ۾ مختلف سياسي ??ڳو??ڻن، ق??ائ??ي ??ڳو??ڻن، عالم سڳورن، صحافين، زميندارن ۽ وڪيلن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.