اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي آهي. جليل عباس جيلاني سال 2012ع ۽ 2013ع ۾ پرڏيهي سيڪريٽري رهي چڪو آ??ي جڏهن ت?? آمريڪا، يورپي يونين?? بيلجيئم، لگسمبرڪ ۽ آسٽريليا ۾ بطور سفير خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آ??ي. کيس پرڏيهي معاملن جو وسيع تجربو آ??ي.