اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آمريڪا جي عوام جي وچ ۾ رابطا وڌائي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان معاشي لحاظ کان خطي ۾ اهم جاگرافيائي مقام تي موجود آهي، پاڪستان سيڙپڪاري جي لاءِ انتهائي موزون ملڪ آه??، آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪست??ني نه رڳو آمريڪا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن پر پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري پاڪست??ني آمريڪي ڪاروباري شخصيتن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. پاڪست??ني آمريڪي ڪاروباري شخصيتن جو وفد هن وقت پاڪستان جي دوري ت?? آهي. وزيراعظم چيو ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪست??ني نه رڳو آمريڪا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن پر پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي مضبوطي جي لاءِ اڻٿڪ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان معدنيات جي دولت سان مالامال آهي، پاڪستان جي آبادي جي اڪثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي، پاڪستان معاشي لحاظ کان خطي ۾ اهم جاگرافيائي مقام تي موجود آهي، انهن سمورن عملن جي ڪري پاڪستان سيڙپڪاري جي لاءِ انتهائي موزون ملڪ آهي. هن وفد کي تازو ئي قائم ڪيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) بابت پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ”هول آف دي گورنمينٽ“ حڪمت عملي تحت پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جو فروغ يقيني بڻائيندي، ڪائونسل زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي، معدنيات، توانائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ سيڙپڪاري کي ??روغ ڏيندي. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پاڪستان ۾ سيڙپڪارين کي ??ن ونڊو سهولت فراهم ڪندي. وزيراعظم وفد کي ??اڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪست??ني ملڪ جو قيمتي سرمايو آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پرڏيهي آفيس ۽ پاڪست??ني مشن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان پنهنجي رابطن کي تيز ۽ موثر بڻائين. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي ??ڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاون جي نئين شعبن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطا وڌائي پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي فروغ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وفد جي م??مب??ن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي ملاقات جو موقعو ڏيڻ ۽ شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وفد وزيراعظم کي ??اڪ آمريڪا واپاري لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجي قدمن کان آگاهه ڪيو. وفد جي شرڪت ڪندڙن چيو ته پاڪستان جي لاءِ بي پناهه محبت اسان جي دلين کي ??ڪ ڪري ٿي. وفد جي شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو پڻ اظهار ڪيو.