اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدي تي عملدرآمد جي لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي جنهن ۾ تڪرارن جي حل جو طريقي??ار به شامل آهي. هيگ ۾ قائم عالمي ثالثي عدالت پاران پاڪ ڀارت پاڻي تڪرارن جي ٻڌڻي جي اهليت جي حوالي س??ن ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي ترجمان چيو ته پاڪستان حڪومت عالمي ثالثي عدالت جي فيصلي کان آگاهه آهي، جنهن ۾ ان جي اهليت ۽ ڪشن گنگا ۽ راتلي هائيڊرو اليڪٽرڪ پرجيڪٽس بابت پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرارن تي اڳت?? وڌڻ جو طريقيڪار، سنڌ طاس معاهدي جي تش??يح ۽ لاڳو ڪرڻ جا وسيع تر سوال شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته عدالت اهليت کي برقرار رکيو آهي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته هاڻي اها تڪرار جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ اڳت?? وڌندي. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پاڻي جي ورڇ جو بنيادي معاهدو آهي. پاڪستان تڪرارن جي حل جي طريقي??ار سميت ان معاهدي تي عملدرآمد جي لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي. اسان اميد ڪ??يون ٿا ته ڀارت به نيڪ نيتي س??ن ان معاهدي تي عملدرآمد ڪندو.