اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن بابت مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ دير سان اچڻ تي ??يم??رن کان معافي گُهري ورتي ۽ ٻُڌايو ته بجيٽ تي بحث تي ??يم??رن ج??ن تجويزون نوٽ ڪيون ويون آهن، ان کي بجيٽ ۾ شامل ڪنداسين. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ هن چيو ته سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ هئڻ سبب دير سان پهتي آهيان پ?? کاتي بابت لاڳاپيل عملدار ان ج?? بحث جي اهم نڪتن ج?? نوٽيس وٺي رهيا آهن، انهن تجويزن مان قابل عمل تجويزن کي بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو.