اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) آبي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي، ته مهمند، داسو ۽ ڀاشا ڊيمن جي تعمير قومي ترجيح بڻائي وڃي ته ا??ان وٽ پنهنجي ايتري دولت ايندي جو ڪنهن ٻئي ڏانهن واجهائڻ جي ضرورت ئي نه پوندي، ا??ان کي پنهنجي وسيلن کي استعمال ڪرڻو پوندو، زراعت تي ڌيان ڏنو وڃي ته هتي ڪير به بکيو نه مرندو، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو انتهائي سٺو قدم آ??ي، غريب جي غربت ختم ڪرڻ ??ان ئي معيشت بهتر ٿيندي، دعا آهي ته ملڪ ۾ وقت سر چونڊون ٿين، هتي حقيقي جمهوريت هوندي ته ملڪ کي ڪو به خطرو نه هوندو. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ 24-2023ع تي بحث ۾ حصو وٺندي آبي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته غير يقيني سياسي صورتحال، رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي قدر ۾ واڌ، معيشت جي ڪمزور حالت ۽ آءِ ايم ايف جي شرطن کي ڏٺو وڃي ته انهن حالتن ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ تمام ڏکيو مشڪل ڪم آ??ي، ڏاڍي ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته هن ايوان جي ميمبرن ۽ وزيرن جي اڪثريت هتي موجود ناهي، ماڻهن جون ا??ان ۾ اميدون آهن، هن ايوان ذريعي عوام جي بجيٽ ۾ شموليت بيحد ضروري آهي. انهن حالتن ۾ ا??ان کي عوام جي همدردي ڪرڻ گهرجي، جمهورت لاءِ پيپلز پارٽي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪي??، جيل ڪاٽيا، ڪوڙا کاڌا. هن چيو ته پارليامينٽ کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي. ا??ان چاهيون ٿا ته فيصلا هن ايوان مان ڪيا وڃن. پر ڪجهه کاتا ڪجهه ادارن کي مڃڻ لاءِ تيار ناهن، ا??ان ڪنهن ڪارڪن يا سياسي پارٽي خلاف ناهيون، ا??ان چاهيون ٿا ته جمهوريت کي نقصان نه پهچي، جمهوري ملڪ پنهنجي ڪارڪنن کي جيڪا تربيت ڏيندا آهن، بدقسمتي ??ان هتي ڪارڪنن جي اها تربيت نه ڪئي وئي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون نه ڏنيون نه ئي مجسمن کي ٽوڙيو. هن چيو ته ڪشڪول ۽ ڊيم فنڊن ??ان معيشت ناهي هلندي، جڏهن هن ايوان کي پورو ڪبو ته معيشت تڏهن هلندي. هن چيو ته ا??ان جي ملڪ ۾ 75 سيڪڙو ماڻهن وٽ پئسو نه هوندو هو، هتي بارٽر سسٽم هو. هن چيو ته هي سڀ ڪجهه انهي لاءِ ٿي رهيو آهي ته دنيا پاڪستان کي عالم اسلام جو ليڊر ۽ ايٽمي طاقت سمجهي ٿي، ان جي ئي ڪري ا??ان جي ليڊر کي ڦاسي ڏني وئي، ا??ان کي اهو عهد ڪرڻ گهرجي ته ا??ان پنهنجي طاقت ??ان ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪنداسين، ا??ان پنهنجي وسيلن کي استعمال نه ڪيو، قرض به ورتا ته غير ترقياتي ڪمن ۾ خرچ ڪري ڇڏيا، پاڪستان وسيلن ??ان مالا مال زرعي ملڪ آهي، ا??ان ڪڏهن به بکيا نه ٿا مري سگهون، پر ا??ان کي انهي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، زراعت ا??ان کي جيئرو رکي سگهي ٿي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو سٺو قدم آ??ي، ماڻهن جي خريداري واري طاقت وڌندي ته ماڻهو مارڪيٽن ۾ ويندا ۽ معيشت جو ڦيٿو گهمندو، غريب جي بک ختم ڪري ئي ملڪ جي معيشت کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام تي اڄ تائين ڪنهن به آڱر ناهي کنئي. دنيا ان کي مڃي ٿي، 18هين ترميم تي تنقيد ڪئي پئي وڃي ته صوبا سڀ ڪجهه کائي ٿا وڃن، حالانڪه ڏٺو وڃي ته ايف بي آڙ جو روينيو هدف 9100 ارب رپيا آهي جڏهن ته نان ٽيڪس روينيو جو هدف 2900 ارب رپيا آهي، هي ٽوٽل ملائي 12000 ارب رپيا ٿئي ٿو جنهن مان صوبن کي صرف 5700 ارب رپيا ڏنا ويندا. هن چيو ته هن ايوان جا وڏا وڏا ڪارناما آهن، هن چيو ته ڀاشا ڊيم تي اڃا تائين اڳڀرائي 9 سيڪڙو، مهمند ڊيم تي 13 سيڪڙو ۽ داسو ڊيم تي 17 سيڪڙو آهي، جيڪڏهن هي ٽئي ڊيم ترجيحي بنيادن تي ٺهي وڃن ته ملڪ جي تقدير بدلجي سگهي ٿي. سڀني ڊيمن جي تعمير لاءِ رڳو 100 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن حالانڪه انهن ڊيمن تي گهٽ ۾ گهٽ خرچ 4000 ارب رپيا آهي. هن چيو ته ا??ان کي گهرجي ته سڀ کان پهرين هي ڊيم مڪمل ڪيون، هي ڊيم ٺهي ويا ته ا??ان ??ٽ ا??ان جي پنهنجي دولت ايتري هوندي جو پوءِ ا??ان کي ڊالر جي پرواهه نه هوندي، ا??ان کي پنهنجا وسيلا ڀرپور نموني استعمال ڪرڻ گهرجن. سيد خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هن وقت حالتون سٺيون ناهن، الله پاڪ کان دعا اهي ته هن ملڪ ۾ وقت سر چونڊون ٿين ۽ ملڪ تي عوام راڄ ڪري، جيڪڏهن هتي حقيقي جمهوريت هوندي ته ملڪ لاءِ ڪو به خطرو نه رهندو.