اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف سنڌ جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته سامونڊي طوفان سان ٺٽي، بدين ۽ سنڌ جي ڏکڻ اوڀر علائقن با??ت خدشن تي وفاق ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي وچ ۾ موثر حڪمت عملي تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، لاڳاپيل علائقن مان عوام جي وقت سر مح??وظ علائقن ۾ منتقلي يقيني بڻائي وڃي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ٽيليفون ڪيو ۽ سامونڊي طوفان جي حوالي سان تازه ترين صورتحال ۽ قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزي??اع??م سنڌ جي وڏي وزير جي سامونڊي طوفان جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳواٽ انتظامن کي ساراهيو. وزي??اع??م هدايت ڪئي ته سامونڊي جهازن، مُهاڻن، سامونڊي انفراسٽرڪچر، ٻوڏ جي خطري، ٺٽي، بدين ۽ سنڌ جي ڏکڻ اوڀر علائقن با??ت خدشن تي وفاق ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي وچ ۾ موثر حڪمت عملي تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، لاڳاپيل علائقن مان عوام جي وقت سر مح??وظ علائقن ۾ منتقلي يقيني بڻائي وڃي. وزي??اع??م کي لاڳاپيل علائقن ۾ عوام کي اڳواٽ خبردار ڪرڻ ۽ اطلاع پهچائڻ جي حوالي سان قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزي??اع??م هنگامي صورتحال ۾ ضروري سامان، اوزارن ۽ ٻين لاڳاپيل شين جي اڳواٽ انتظامن تي پڻ آگاهي حاصل ڪئي ۽ مڪمل نگراني رکڻ جي هدايت ڪئي. وزي??اع??م صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ وفاقي حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. وزي??اع??م چيو ته وفاق جي انتظام هيٺ سمورا ادارا عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جي لاءِ سنڌ حڪومت جي مدد جي لاءِ هر وقت تيار رهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزي??اع??م شهباز شريف جي جذبي ۽ فڪرمندي تي ان جا ٿورا مڃيا.