راولپنڊي- 25 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي جن??ل هيڊڪوارٽر (جي ايڇ ڪي??) راولپنڊي ۾ يوم تڪريم شهدا پاڪستان جي مرڪزي تقريب منعقد ٿي جنهن جو خاص مهمان آرمي چيف جن??ل عاصم منير هو. تقريب ۾ پاڪ فضائيه، پاڪ بحريه جي سربراهن، حاضر سروس ۽ رٽائرڊ آفيسر به شريڪ ٿيا جنهن ۾ اڳوڻو آرمي چيف جن??ل (ر) قمر جاويد باجوه، اڳوڻو چيئرمين جوائنٽ چيفس جن??ل نديم رضا ۽ ٻين رٽائرڊ آفيسرن، چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد، مفتي منيب الرحمان، قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ مش??ور شخصيتن ۽ شهيدن جي وارثن شرڪت ڪئي. تقريب جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪي?? ويو جنهن کانپوءِ قومي تراني جي ڌن وڄائي وئي. آرمي چيف جن??ل عاصم منير شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري، گل رکيا، فاتحه خواني ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي، جڏهن ته نيوي ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهن، اعليٰ فوجي ۽ پوليس آفيس??ن به شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. تقريب ۾ موجود شهيدن جي وارثن ۽ اسڪول جي ٻارن شهيدن جي يادگار تي گل رکيا.