اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسلامو فوبيا جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، دنيا ۾ منظم طريقي سان مسل??ان?? جي خلاف نفرت ڦهلائي پئي وڃي، دنيا ۾ نئين فاشسٽ پاليسين سان مسل??ان?? کي نشانو بڻايو پيو وڃي، حجاب جهڙن معاملن کي سياست ۾ آڻڻ جو مقصد اسلام کي نشانو بڻائڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيويارڪ ۾ گڏ??ل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن جي يادگاري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن ۾ گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ڪاسابا ڪوروسي کانسواءِ گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ۽ گڏ??ل قومن جي تهذيب (يو اين اي او سي) بابت اتحاد جي اعليٰ نمائندي ميگوئل موراتينوس پڻ شرڪت ڪئي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ وڊيو لنڪ ذريعي تقريب کي خطاب ڪيو. هي اجلاس گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر جي آفيس ۽ پاڪستان سلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي سربراهه جي حيثيت سان گڏ??ل طور تي ??هرايو ويو هو. گذريل سال جنرل اسيمبلي قرارداد 76/254 منظور ڪئي هئي جنهن ۾ 15 مارچ کي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو ويو هو. هن گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي هال ۾ نمائندن کي خطاب ڪندي چيو ته هن ڏينهن کي ملهائڻ سان اسلامو فوبيا جي ڪڌي رجحان بابت شعور اجاگر ڪرڻ، گڏ??ل احترام ۽ افهام تفهيم کي اڳتي وڌائڻ ۽ ٺوس قدم کڻڻ جي لاءِ اسان جي گڏ??ل عزم کي سگهه ملي ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته اسلامو فوبيا اڄ جي دور جو هڪ اهم مسئلو آهي، اسلام امن ۽ رواداري جو دين آهي، دهشتگردي جو ڪنهن به مذهب سان ڪو تعلق نه آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مسل??ان?? کي مذهب جي ڪري نشانو بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته نائن اليون کانپوءِ کان پوري دنيا ۾ مسل??ان?? ۽ اسلام جي خلاف عداوت ۽ اداراجاتي شڪ وڌي ويا، مسل??ان?? جي قتل عام کي فاشسٽ پاليسين ۽ نظرين سان مڪمل ڇوٽ سان گڏ اتساهيو ويو آهي، مسل??ان?? جي خودمختياري جي حق کان انڪار ڪندڙن جون پاليسيون ۽ پرتشدد قدم اڄ اسلامو فوبيا جي بدترين مظهر جي نمائندگي ڪن ٿا. هن گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل تي زور ڏنو ته هو او آءِ سي ملڪن سان گڏجي اسلامو فوبيا کي روڪڻ ۽ ان جي خاتمي لاءِ هڪ ”ايڪشن پلان“ جوڙين. هن چيو ته اهڙي طرح جي ايڪشن پلان ۾ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏ??ل قومن جي خصوصي ايلچي جي مقرري، مقدس جاين بشمول هزارن مسجدن ۽ مقبرن جي حفاظت جي لاءِ قدم کڻڻ، نفرت انگيز تقريرن، قرآن پاڪ جي بي حرمتي ۽ مسل??ان?? سميت ٻين ڪميونٽيز جي خلاف امتيازي سلوڪ ۽ تشدد کي غيرقانوني بڻائڻ جي لاءِ قومي ۽ عالميسطح تي قانونن کي اختيار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ان سان گڏ??گڏ اهڙن اسلامو فوبڪ قدمن جو نشانو بڻجندڙن کي قانوني مدد ۽ مناسب معاوضي جي فراهمي ۽ اسلامو فوبيا جي ڪاررواين جي ذميوارن کي جوابده قرار ڏيڻ جي لاءِ قومي ۽ عالمي عدالتي مڪينزم ۽ قانونن کي وضع ڪرڻ شامل ٿي سگهن ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته اسلامو فوبيا جو وائرس وڌيڪ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، اڄ اسان کي هڪ ٺوس معاشري جي تعمير جي لاءِ پنهنجي عزم جي تجديد ڪرڻ گهرجي، يپغمبر اسلام ﷺ مسل??ان?? کي نسل، ثقافت، جنس يا مذهب کان هٽي ڪري هر ڪنهن سان عزت ۽ احترام سان پيش اچڻ جو درس ڏنو. هن چيو ته اسلام ۽ ان جي پيروڪارن بابت بي بنياد فوبيا هڪ افسوسناڪ حقيقت آهي، اسلامو فوبڪ بيانيو رڳو هڪ انتهاپسند معمولي پروپئگنڊه تائين ئي محدود نه آهي پر افسوس جي ڳالهه آهي ته ان کي مرڪزي ڌارا جي ميڊيا ذريعن، تعليمي ادارن، پاليسي سازن ۽ رياستي مشينري جي سيڪشن قبول ڪيو آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ڪاسابا ڪوروسي چيو ته امن جي فروغ جي لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، شدت پسندي جو مذهب سان ڪو تعلق نه آهي، مذهب جي بنياد تي ??نهن کي نشانو نه بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنهن سان رنگ ۽ نسل جي بنياد تي امتيازي سلوڪ نه ٿيڻ گهرجي. جنرل اسيمبلي جي صدر چيو ته اسان کي نفرت ڦهلائيندڙ تقريرن جي حوصلا شڪني ڪرڻي پوندي، گڏ??ل احترام سان ئي ڪنهن جي دل ۾ جڳهه ٺاهي سگهجي ٿي. گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مسل??ان?? کي سڄي دنيا ۾ امتيازي سلوڪ درپيش آهي، اقليتن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻو پوندو. هن چيو ته مذهبي جي بنياد تي ??نهن جي خلاف پاليسيون نه ٺهڻ گهرجن، عالمي دنيا کي انساني حقن جي تحفظ لاءِ متحد ٿيڻو پوندو. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم پنهنجي وڊ??و خطاب ۾ چيو ته مسل??ان?? کي سڄي دنيا ۾ امتيازي سلوڪ درپيش آهي. هن چيو ته نفرت ئي ڪنهن به واقعي ۾ دهشتگردي جو بنياد بڻجي ٿي.