اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آمريڪا هر ق??م جي دهشتگردي جي گڏيل خطري کي منهن ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي ڳالهه ٻ??له?? جي سلسلي کي جاري رکڻ ۽ دهشتگردي جي خ??ري بابت بهتر ڄاڻ پيدا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پاڪستان – آمريڪا دهشتگردي جي خ??تمي ڊائيلاگ 6، 7 مارچ 2023ع تي اسلام آباد ۾ ٿيو. پاڪستان?? وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (يو اين اينڊ اي ڊي) سيد حيدر شاهه ڪئي جڏهن ته آمريڪ?? وفد جي سربراهي پرڏيهي کاتي جي دهشتگردي جي خ??تمي بابت وقتي ڪوآرڊينيٽر ڪرسٽوفر لينڊبرگ ڪري رهيو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻن ڏينهن واري ڳالهه ٻ??له?? ۾ گهڻ رخي فورمز تي دهشتگردي جي خ??تمي تعاون، دهشتگردي جي خ??تمي جي علائقائي منظرنامي جو ج??ئز??، سائبر سيڪيورٽي ۽ پرتشدد انتهاپسندي جي خ??تمي سميت ڪيترن ئي موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ آمريڪي امداد جي منصوبن تي پُڻ غور ويچار ڪيو ويو ۽ خاص طور تي مني لانڊرنگ جي خ??تمي ۽ انصاف جي شعبي ۾ صلاحيت وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ٻنهي ڌرين دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي صلاحيت کي وڌائڻ ۾ انهن منصوبن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ڌرين دهشتگردي جي مالي معاونت جي خلاف پنهنجي تجربن جي پڻ مٽاسٽا ڪئي. هنن هر ق??م جي دهشتگردي جي گڏيل خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو. هنن ان ڳالهه ٻ??له?? جي سلسلي کي جاري رکڻ ۽ دهشتگردي جي خ??ري بابت ڄاڻ پيدا ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.