اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي عورتن کي زندگي جي سمورن شعبن خاص طور ي واپار، ڪاروبار جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ فنانس ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ??هي ته ملڪ جي ترقي ۾ عورتن جي شموليت لازمي آهي، پاڪس??ان جي آبادي ۾ عورتن جو تناسب اٽڪل 50 سيڪڙو آهي، پر عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان اڃا تمام ڊگهو سفر طئي ڪرڻو آهي، پاڪس??ان عورتن کي بهترين ڪارڪردگي جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهيو ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ??ه مون کي هن تقريب ۾ شرڪت سان تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ۽ مضبوط ۽ قابل عورتن کي ??سي تمام گهڻو فخر محسوس ڪري رهي آهيان. هن چيو ??ه اسان هتي عورتن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ ۽ هڪ اهڙي دنيا جو تصور ڪرڻ جي لاءِ گڏ ٿيا آهيون جتي صنفي برابري معمول آهي، هي ڏينهن هيستائين جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ ۽ انهن چئلينجن تي غور ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم موقعي جي طور تي ڪم ڪري ٿو جيڪو عورتن جي حقن ۽ عوامي زندگي جي سمورن شعبن ۾ فيصلاسازي ۾ برابر شرڪت جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي. هن چيو ??ه هن وقت پاڪس??ان جي آبادي ۾ عورتن جو تناسب اٽڪل 50 سيڪڙو آهي پر اسان کي انهن جي شموليت ۽ بااختيار بڻائڻ جي سلسلي ۾ اڃان تمام ڊگهو سفر طئي ڪرڻو آهي، گلوبل جينڊر گيپ انڊيڪس رپورٽ 2022ع موجب پاڪس??ان معاشي حصيداري ۽ موقعن، تعليم هاصل ڪرڻ، صحت ۽ بقاءَ جي لحاظ کان تمام گهڻو پٺتي آهي پر سياسي طور تي عورتون تمام گهڻو اڳتي آهن. قائداعظم جو فرمان آهي ”ڪا به قوم ان وقت تائين عروج جي بلندي تي نه ٿي پهچي سگهي جيستائين عورتون انهن سان گڏ بيٺل نه هجن.“ بيگم ثمينه عارف علوي چيو ??ه يو ??ين هيومن رائيٽس ايوارڊ يافته بيگم رعنا لياقت علي خان ۽ 9 سالن جي عمر ۾ سڀ کان گهٽ عمر مائيڪرو سافٽ سرٽيفائيڊ پروفيشنل ارفع ڪريم جهڙين عورتن چئلينجز جو مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ٽوڙيو. هن پاڪس??ان جي اکين کان محروم سفارتڪار صائمه سليم جو ذڪر ڪندي چيو ??ه هوءَ گڏيل قومن ۾ پاڪس??ان جي نمائندگي ڪري رهي آهي، اهڙيون عورتون اسان سڀني خاص طور تي عورتن جي لاءِ مشعل راهه آهن، عورتن کي بااختيار بڻائڻ جو عمل انهن قدرن کان شروع ٿئي ٿو جن جي پاسداري گهرن ۾ ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ??ه قرآن پاڪ ۽ اسان جي دين موجب عورتن جي حقن ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ انهن جي وڪالت ڪرڻ اسان جو فرض آهي جيڪو ايندڙ نسلن جي لاءِ ض??ور?? آهي. هن چيو ??ه پاڪستاني عورتون مختلف شعبن ۽ پيشن ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪري رهيون آهن، پهرين پاڪستاني عورت موٽرسائيڪلسٽ زينٿ عرفان کان وٺي ثمينه بيگ تائين، جيڪا سڀ کان وڌيڪ 7 چوٽين کي سِر ڪندڙ پهرين ۽ گهٽ عمر ترين مسلمان عورت آهي، ڪيترائي مثال اسان جي سامهون آهن. هن چيو ??ه پاڪس??ان عورتن کي بهترين ڪارڪردگي جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهيو ??هي، عورتن جي احترام جهڙن قدرن کي ??هرن ۾ ئي ٻارن کي سيکارڻ ض??ور?? آهي ۽ اسان کي هڪ اهڙي معاشري جي ضرورت آهي جيڪو مهذب معاشري جي ترقي ۾ مدد جي لاءِ عورتن سان بهتر سلوڪ ڪرڻ جي اهميت کي سمجهي. قومي سطح جي قدمن ۾ عورتن جي ترقي ۽ بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ قومي پاليسي، انساني حقن تي هڪ قومي ايڪشن پ??ان، صنفي برابري جي پاليسي جي فريم ورڪ ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جا پئڪيجز شامل آهن. هن چيو ??ه فيصلاسازي ۾ عورتن کي شامل ڪرڻ ۽ انهن کي محفوظ ماحول ۾ نوڪرين جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ تمام ض??ور?? آهي جنهن جي لاءِ حڪومت مختلف قدمن ذريعي عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ??ه پاڪس??ان زندگي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، ڪاروبار، فن ٽيڪ، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ فنانس ۾ عورتن جي شرڪت سان ئي ترقي ڪري سگهي ٿو، اسان کي قومي ۽ عالمي ايجنسين جي پروگرامن جي ضرورت آهي ته جيئن مائيڪرو انٽرپرائيزز، عورتن جي چيمبرز ۽ صنعتي اڪيڊمي رابطا قائم ٿين. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، مائيڪرو فنانسن جا موقعا، زمين ۽ ملڪيت جي وراثت جي حقن سان گڏوگڏ ڪم جي جڳهه تي ڪم جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جهڙن سماجي تحفظ جي قدمن جي ذريعي عورتن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ جو عمل جاري آهي. هن چيو ??ه صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ منهنجي سرپرستي ۾ سماجي شعبي ۾ خاص طور تي ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي، عورتن جي مالي شموليت، معذور ماڻهن ۽ ذهني صحت بابت مسئلن جي حوالي سان ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ??ه ان سلسلي ۾ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي هڪ منظم ملڪ گير عوامي آگاهي مهم هلائي وئي جنهن جو مقصد عورتن ۽ ڇوڪرين کي شروعاتي علامتن بابت آگاهه ڪرڻ آهي، اسان پ??هنجي ڪوششن ۾ تازو ئي ڪيل هڪ مطالعي جي طور تي ڪامياب رهياسين، هڪ پبلڪ سيڪٽر اسپتال جي هڪ اسڪريننگ سينٽر انڪشاف ڪيو ??ه 32 سيڪڙو جواب ڏيندڙن ٻڌايو ??ه ميڊيا ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت معلومات جو بنيادي ذريعو آهي. هن چيو ??ه تحقيق ۾ ان ڳالهه تي به روشني وڌي وئي ته عورتن جي ڇاتيءَ جي الٽراسائونڊ ۽ ميموگرافي جي اسڪريننگ ۾ گذريل سالن جي مقابلي ۾ سال 2022ع ۾ اٽڪل ٽيڻ تي اضافو ٿيو ??هي، اسان پ??هنجي ماڻهن جي ذهني صحت ۽ ڀلائي تي پڻ ڪم ڪري رهيا آهيون. ثمينه علوي چيو ??ه اسان کي ??وڪرين جي تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان جون عورتون ايتريون مضبوط ٿين جو اهي زندگي جي چئلينجن جو ڀرپور طاقت سان مقابلو ڪري سگهن، عورتن کي پيشيواراڻي مهارتن سان ليس ڪرڻ جي لاءِ انهن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ انهن کي معاشي استحصال کان بچائڻ جي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ان نيڪ مقصد جي لاءِ ڪم ڪندڙ سمورن ماڻهن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪندي چيو ??ه اهي همت نه هارين، ڀلي انهن جو رستو مشڪل ئي ڇو نه هجي، غلطين مان سکڻ کانسواءِ ڪاميابي حاصل نه ٿي ڪري سگهجي. هن چيو ??ه اچو هڪ خوشحال ۽ صحتمند مستقبل جي لاءِ هر سطح تي برابري کي اختيار ڪريون ٿا. ان موقعي تي خاتون اول سرينا هوٽلز جي انتظاميا جا ٿورا مڃيا جنهن عورتن جي عالمي موقعي تي ان موضوع تي تقريب منعقد ڪئي. تقريب جي موقعي تي ثمينه علوي پڻ عورتن جي وڏي انگ سان گڏ ڪيڪ ڪاٽڻ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.