اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) پرڏ??هي معاملن واري مملڪتي وزير حن?? رباني کر اڄ جمعي کان سريلنڪا جي گادي واري شهر ڪولمبو جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندي. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان موجب پرڏ??هي معاملن واري مملڪتي وزير سريلنڪا جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شر??ت ڪندي. آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شر??ت کانسواءِ هو پنهنجي هم منصب سميت سريلنڪا جي قيادت سان ملاقات ڪندي. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا آهن، جيڪي ٻطرفي تعاون جي سڀني رخن ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن سارڪ سميت گهڻ رخي فورمز ۾ به گڏجي ڪم ڪيو آهي. مملڪتي وزير حن?? رباني کر جو سريلنڪا جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ افهام تفهيم کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو ۽ مشڪل وقت ۾ سريلنڪا جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو پيغام ڏيندو.