اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ کي ??ماجي ۽ اقتصادي طور تي خوشحال بڻائڻ جي لاءِ رڳو قدرتي ۽ انساني وسيلا ڪافي نه آهن، دانشمندي، پاليسين ۾ مست??ل مزاجي، پريشانين کان پاسو ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي سان فعال تعاون ملڪ کي ??رقي جي راهه تي گ??مز?? ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار اسلام آباد ۾ گلگت بلتستان حڪومت جي اهتمام هيٺ ”جي بي ڊريم روڊ شو“ جي عنوان سان منعقد تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ گلگت بلتستا?? جي گورنر سيد مهدي شاهه، گلگت بلتستا?? جي وڏي وزير خالد خورشيد خان، جي بي حڪومت جي وزيرن ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب کي ??طاب ڪندي صدر چيو ته گلگت بلتستان کيس تمام عزيز آهي ۽ هن سدائين هن خطي جي سياحتي جاين کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ بطور سفير هن خطي جي نمائندگي ڪئي، سياحن کي ??لائقي ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن. صدر چيو ته گلگت بلتستان قدرتي وسيلن جهڙن معدنيات، قيمتي جواهرات ۽ ميون سان مالامال آهي، اسان کي ??واهرات جي ڪٽائي ۽ فنشنگ جي لاءِ سائنسي طريقا استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اهڙي طرح جي ڪم لاءِ گهربل هنر تمام گهٽ وقت ۾ سکي ??گهجي ٿو، خطي جي نوجوان?? جي لاءِ آءِ ٽي جي مهارت جي اهميت کي ??جاگر ڪندي صدر چيو ته آءِ جي مهارت رکندڙ ماڻهو آن لائين پليٽ فارمز جي ذريعي پاڪستان ۾ رهندي ٻين ملڪن ۾ پنهنجون خدمتون پيش ڪري پنهنجي لاءِ روزگار پيدا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته آءِ ٽي سيڪٽر عورتن کي ??وزگار جا موقعا پڻ فراهم ڪرڻ جي لاءِ اهم آهي جنهن سان اهي پنهنجي گهرن مان ڪم ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته مختلف تعليمي پس منظر سان تعلق رکندڙ 2.4 ملين ماڻهن وزيراعظم جي ڊيجيٽل اسڪلز پروگرام، ڊيجي اسڪلز مان فائدو کنيو آهي، ملڪ جي نوجوانن ۽ عورتن کي ??هم ۽ قابل مارڪيٽ ڊيجيٽل مهارت فراهم ڪرڻ جي لاءِ اهڙن پروگرامن کي ??ختيار ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته گلگت بلتستان جو هڪ شاگرد جنهن ڊيجيٽل اسڪلز پروگرام سان پنهنجي تربيت حاصل ڪئي اهو اٽڪل هڪ لک ڊالر ڪمائي رهيو آهي. صدر چيو ته جي بي جي لاءِ زراعت جي ميدان ۾ به عمودي آبادگاري ۽ ڊرپ فارمنگ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، جي بي نه رڳو پنهنجي خوراڪ جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي ٿو پر ان ۾ هالينڊ وانگر دنيا کي ??رآمد ڪرڻ جي صلاحيت آهي جيڪو پاڪستان کان 19 ڀيرا ننڍو ملڪ آهي پر دنيا ۾ خوراڪ پيدا ڪندڙ ٻيو وڏو ملڪ سڏرائي ٿو. هن چيو ته آئيڊياز جي بهتات آهي پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته انهن تي عملدرآمد ڪيو وڃي. هن چيو ته حقيقي ترقي ڪميونٽي جي حصيداري کانسواءِ ممڪن نه آهي ۽ جي بي جي ماڻهن کي ??لائقي ۾ ترقي جي فروغ لاءِ پوري طرح ۽ فعال طور تي مصروف عمل ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي گلگت بلتستا?? جي وڏي وزير خالد خورشيد شاهه چيو ته ماضي ۾ جي بي کي وسيل?? جي ورڇ جي حوالي سان نظرانداز ڪيو ويو ۽ جيڪي فنڊز ڏنا ويندا هئا اهي اڪثر پگهارن بابت خرچن ۾ خرچ ٿيندا هئا. هن چيو ته سندس حڪومت گذريل ٻن سالن کان ترقي جي لاءِ ??ڌي?? فنڊز مختص ڪري رهي آهي ۽ ان جو ڌيان ترقي طرف آهي، اسا?? جي ترجيحن ۾ خاص طور تي مختلف رست?? جي ذريعي جي بي جي باقي ملڪ سان رستي جي رابطي کي ??هتر بڻائڻ، تعليم جي شعبي جي اصلاح، خوراڪ جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ زراعت جي شعبي کي فروغ ڏيڻ، صحت جي شعبي کي ??هتر بڻائڻ ۽ مقامي حڪومت?? جي نظام ۾ سڌارا شامل آهن. تقريب ۾ شعيب سلطان آغا خا?? جي بي بابت رورل سپورٽ پروگرام سان پنهنجي ڊگهي سفر جو احوال ٻڌايو ۽ چيو ته هن رورل سپورٽ پروگرام جي لاءِ 40 سالن تائين ڪم ڪيو ۽ اها ماڻهن ۽ ڪميونٽي جي حمايت ئي هئي جنهن ان کي ڪامياب بڻايو. ان کان اڳ صدر شو جي مختلف اسٽالز جو پڻ دورو ڪيو.