رحيم يار خان – 25 – جنوري (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جو صدر شيخ محمد بن زيد النهيان پاڪستان ??ي نجي دوري تي رحيم يار خان پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران پريس رليز موجب ايئرپورٽ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پنجاب جو نگران وڏو وزير سيد محسن رضا نقوي ۽ وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ موج??د هئا. ايئرپورٽ تي ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظ??ار ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي پنهنجي تازي دوري جو ذڪر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت جي حوالي سان ڀرپور ڪم ڪيو ويندو. يو اي اي جي صدر شيخ محمد زيد النهيان چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته سندس والد پاڪستان ۽ ان ??ي عوام سان ??مام گهڻي محبت رکندو هو، هو پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿو، هن وزيراعظم کي يقين ڏياريو ته گڏيل عرب امارات سدائين پاڪستان ??ان گڏ بيٺل رهندو.