اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مر??م اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان سياسي کيڏوڻو آهي جيڪو ضرورت جي وقت پنهنجو رند تبديل ڪندو رهندو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بيان تي پ??هنجي ردعمل ۾ هن چيو ته سياسي کيڏڻو بند ڪمري ۾ تاحيات ايڪسٽينشن جي آفر ڪندو هو ۽ جلسن ۾ مير جعفر، مير صادق ۽ جانور جو نعرو هڻندو هو. هن چيو ته مقصد پورو ٿي وڃڻ کانپوءِ احسان فراموش بڻجي رنگ بدلائي ڇڏي ٿو، سياسي کيڏوڻو ويس بدلائي بدلائي پ??هنجي سازشي ايجنڊا تي ڪم ڪري ٿو.