طورخم – 17 – نومبر (اي پي پي) ڪسٽمز عملدارن بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ طورخم تي ڊا??رز جي اسمگلنگ جي خلاف ڪريڪ ڊائون دوران 2 مسافرن کان 40 هزار ڊا??ر برآمد ڪري ورتا. ڪسٽمز عملدارن موجب سرحد جي ذريعي غيرملڪي ڪرنسي اسمگلنگ جي اطلاع تي بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ طورخم تي گاڏين، بيگن جي چي??نگ يقيني بڻائي پئي وڃي. گذريل 5 ڏينهن دوران ٻن مسافرن کان وڏي مقدار ۾ غيرملڪي ڪرنسي برآمد ڪئي وئي. 12 نومبر تي ڪسٽمز جي عملي اظهر اڪبر ولد گل تاج خان (پاڪستاني) پاسپورٽ نمبر WM1334701 کي پڪڙي تلا??ي ورتي، ان شخص جي قبضي مان 2 عدد پلاسٽڪ بيگ برآمد ڪيا ويا جن ۾ 10، 10 هزار ڊا??ر جي غيرملڪي ڪرنسي موجود هئي. 17 نومبر تي ڪسٽمز عملي اقدس ريال دختر گل محمد (افغاني) پاسپورٽ نمبر PO0149377 کي پڪڙي تلا??ي ورتي ۽ ان جي ڪلهي تي لڙڪيل بيگ مان 20 هزار ڊا??ر جي غيرملڪي ڪرنسي برآمد ڪري ورتي. ان ٻنهي جوابدارن جي خلاف ڪسٽمز ايڪٽ 1969ع تحت وڌيڪ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته غيرملڪي ڪرنسي خاص طور تي ڊا??رز جي اسمگلنگ سان مڪ ۾ ڊا??رز جي کوٽ ٿئي ٿي جنهن سان نه رڳو ڊا??ر جي مقابلي ۾ رپيو دٻاءُ جو شڪار ٿئي ٿو پر قومي معيشت پ?? متاثر ٿئي ٿي.