نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان آم??يڪي پرڏيهي کاتي جي سياسي معاملن جي انڊر سيڪريٽري وڪٽوريا نولينڊ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران مملڪتي وزير حنا رباني کر 55 ملين ڊالر جي امداد ذريعي پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار تي آم??يڪي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته آم??يڪي ڪانگريس جي وفدن ۽ آم??يڪي ع??لدارن جي پاڪستان جي تازي دوري ٻوڏ متاثرين ۽ پاڪستاني ع??ام جي لاءِ آم??يڪي همدرديءَ جي عڪاسي ڪن ٿا. هن انڊر سيڪريٽري کي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کان آگاهه ڪيو، جنهن سان 33 ملين ماڻهو سڌوسنئون متاثر ٿيا آهن. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير چيو ته جڏهن ته پاڪستان زهريلي گئسن جي عالمي اخراج جو هڪ سيڪڙو به گهٽ جو ذميوار آهي پر ان کي موسمياتي بحران درپيش آهي. هن حڪومت جي امدادي ڪوششن جو ذ??ر ڪندي چيو ته نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ عالمي برادري پاران ڊگهي مدي واري امداد جي ضرورت پوندي. حنا رباني کر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ آم??يڪا جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل واپار ۽ سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطن ج?? شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا تمام گهڻا امڪان موجود آهن. مملڪتي وزير ڀارت ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال جو ذ??ر ڪندي ع??ائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل جي مرڪزيت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين تي وحشياڻو ظلم ڪري رهيو آهي. آم??يڪي انڊر سيڪريٽري وڪٽوريا نولينڊ پاڪستان ۾ شديد ٻوڏ سبب قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته آم??يڪا نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ع??ل ۾ پاڪستان جي مدد ڪندو. هن ان ڳالهه کي به ورجايو ته آم??يڪا موسمياتي تبديلي، صحت، توانائي، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه کي سگهه ڏيندو. مملڪتي وزير علائقائي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ افغانستان ۽ ان کان ٻاهر امن، ترقي ۽ استحڪام جي ضرورت تي زور ڏنو.