اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) روس مان ام??ادي سامان جي پهرين اڏام پاڪستان پهچي وئي. ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ام??ادي سامان کڻي اڏام ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿي. ڄاڻايل ام??ادي سامان ۾ کاڌي پيتي جون شيون، خيما ۽ پاڻي جي صفائي اوزار شا??ل آهن. پرڏيهي آفيس موجب ام??ادي سامان ڪراچي ۾ روسي قونصل جنرل فيڊروف اينڊري، وڏي وزير جي ريليف ۽ بحالي واري صلاحڪار رسول بخش چانڊيو، اين ڊي ايم اي ۽ پرڏيهي وزارت جي نمائندن وصول ڪيو. پاڪستان روس پاران ام??اد جي آجيان ڪئي آهي.