اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان آمريڪي پرڏ??هي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ چوليٽ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني نقصان ۽ تباهي تي پاڪستاني عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان موجب پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري هن مشڪل گهڙيءَ ۾ آمريڪي پرڏ??هي کاتي جي قونصلر ??ي پاڪستان جي دوري تي ٿورا مڃيندي آمريڪي حڪومت پاران حمايت ۽ يڪجهتي جي ڀرپور اظهار کي ساراهيو. پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي عهديدار کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان جو اٽڪل هڪ ڀاڱي ٽي علائقو پاڻي هيٺ آهي، ٻوڏ جي نتيجي ۾ 1300 کان وڌيڪ ??اڻ??و فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ??اڻ??و متاثر ٿيا آهن ۽ اهم انفراسٽرڪچر تباهه ٿيو آهي. پرڏ??هي وزير چيو ته 40 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي پکڙيل فصلون لڙهي ويون ۽ 10 لک جي لڳ ڀڳ چوپايو مال مري ويو آهي. هن چيو ته حڪومت هن وقت ??اڻ??ن جي جان بچائڻ جي لاءِ فوري بچاءُ ۽ امدادي ڪوششن ۾ پوري طرح مصروف آهي، ٻوڏ سان غذائي تحفظ، صحت ۽ معيشت تي ڊگهي مدي وارا اثر ??نگ??ن ڳڻتي جو سبب آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شديد ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ لکين ??اڻ??ن جي بحالي، نئين سر تعمير، ڪميونٽيز جي نئين سر تعمير ۽ معاشي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تمام گهڻا وسيلا گهربل هوندا. پرڏ??هي وزير چيو ته بدقسمتي آهي جو گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو آهي پر ان کي موسمياتي تبديلين جي شدت کي منهن ڏيڻو پيو. هن آمريڪي حڪومت پاران 31.1 ملين ڊالر ??ي امداد تي ٿورا مڃيا. پرڏ??هي وزير چيو ته تازن مهينن ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي رفتار مستحڪم رهي آهي، پاڪستان گڏيل اعتماد ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏ??هي وزير موسمياتي تبديلي، توانائي، صحت، واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم ۽ عوام سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ پائيدار تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. آمريڪي پرڏ??هي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ چوليٽ چيو ته آمريڪا ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي مدد جي لاءِ پرعزم آهي. هن پرڏ??هي وزير سان مختلف شعبن ۾ جاري ڳالهه ٻولهه کي سگهه ڏيڻ ۽ لاڳاپن کي وسيع ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ تعاون جي وڌيڪ شعبن جي ڳولا تي اتفاق ڪيو. آمريڪي پرڏ??هي کاتي جو قونصلر 7 کان 9 سيپٽمبر تائين پاڪستان ۾ هڪ عالمي ايجنسي وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي ته جيئن تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستان جي لاءِ آمريڪي حمايت جي توثيق ڪري سگهجي ۽ پاڪستان آمريڪا جي وسيع البنياد ۽ پائيدار لاڳاپن کي سگهه ڏئي سگهجي.