اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي ڀا??تي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن جي خلاف اندروني ۽ ٻاهرئين ملڪ اس??حص??ل ڏهاڙو ڀرپور انداز سان ملهائڻ جي تيارين کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي ان سلسلي ۾ ڪشمير ۽ گلگت ??لتستان معاملن واري وزارت ۾ ڪيترائي اجلاس م??عق?? ڪيا ويا جن ۾ چئني چئني صوبن، آزاد ڪشمير، گلگت ??لتستان جي نمائندن کانسواءِ پرڏيهي وزارت، اطلاعات واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اهم آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪشمير ۽ گلگت ??لتستان معاملن واري وزارت پاران جاري بيان موجب ان ڏينهن کي ڀرپور انداز سان ملهائڻ جي حوالي سان تيارين کي ترتيب ڏنو ويو آهي. 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت هڪ طرفو ۽ غيرقانوني قدم کڻندي والاريل ڄمون ۽ ڪسمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪندي ان تي پنهنجي غيرقانوني قبضي کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي خلاف پوري پاڪستان ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سراپا احتجاج آهي. 5 آگست تي والاريل ڪشمير ۾ ڀا??تي غيرقانوني قدمن کي ٽي سال مڪمل ٿي رهيا آهن ۽ ڀارت انهن غيرقانوني قدمن جي آڙ ۾ والاريل ڪشمير جي ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. 5 آگسٽ تي والاريل ڪشمير ۾ ڀا??تي غيرقانوني قدمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کي دنيا آڏو بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ خصوصي طور تي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۽ ٻاهرئين ملڪ ڀارت جي بربريت ۽ غيرقانوني قدمن کي بي نقاب ڪيو ويندو جنهن سلسلي ۾ ڪيترين ئي سرگرمين ترتيب ڏنو ويو آهي. اس??حص??ل ڏهاڙي تي ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پوري ملڪ ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي. اس??حص??ل ڏهاڙي جي حوالي سان صدر، وزيراعظم، وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت ??لتستان معاملن واري صلاحڪار، آزاد ڪشمير جي صدر ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جا پيغام هلايا ويندا. پرڏيهي وزير اس??حص??ل ڏهاڙي جي مناسبت سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، او آءِ سي ۽ گڏيل قومن جي انساني حقن بابت ڪمشنر کي خصوصي خط لکندو. پرڏيهي وزير 5 آگسٽ 2019ع جي ڀا??تي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جي حوالي سان پرڏيهي سفيرن کي بريف ڪندو. انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۾ اس??حص??ل ڏهاڙي جي حوالي سان هڪ سيمينار م??عق?? ڪيو ويندو. اس??حص??ل ڏهاڙي جي حوالي سان هڪ خصوصي ڊاڪيومينٽري پڻ تيار ڪئي وئي آهي. ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سفارتخانا ان ڏينهن جي مناسبت سان وڊيو ڊاڪيومينٽري، تصويري نمائش ۽ ريليز م??عق?? ڪندا، پاڪستان جا سفير مقامي اخبارن ۾ آرٽيڪل لکندا. پاڪستان ڪوسٽ گارڊ ڪراچي ۾ پورٽ ريلي جو اهتمام ڪندو. اطلاعات واري وزارت 5 آگسٽ تي پاڪ چائنا سينٽر ۾ تصويري نمائش جو اهتمام ڪيو آهي. سمورا ٽي وي چينلز 5 آگسٽ 2019ع جي ڀا??تي غيرقانوني قدمن جي مذمت ۾ پنهنجا لوگو ڪارا ڪندا. ريڊيو پاڪستان تي به ان ڏينهن جي مناسبت سان خصوصي پروگرامز هلايا ويندا، اس??حص??ل ڏهاڙي جي حوالي هڪ نغمو پڻ تيار ڪيو ويو آهي، موبائيل ڪمپنيون ان ڏينهن جي حوالي سان خصوصي پيغام هلائينديون، لوڪ ورثه اسلام آباد ۾ به تصويري نمائش، وڊيو ڊاڪيومينٽري هلائي ويندي. اسلام آباد سميت پاڪستان جي سمورن شهرن ۾ اهم جاين تي خصوصي بينرز هليا ويندا. هوائي اڏن، ريلوي اسٽيشنز ۽ سمورن ميٽرو بس اسٽيشنز تي به خصوصي بينرز هلايا ويندا. آ??اد?? ٽرين جي طرز تي ٽرينن جون ڪجهه بوگيون ان ڏينهن جي مناسب سان پينٽ ڪري هلايون وينديون. موٽرويز ۽ سمورن ٽال پلازائن تي بينرز هنيا ويندا. ايئرپورٽ تي غيرملڪين ۾ ان ڏينهن جي آگاهي، ڀا??تي غيرقانوني قدمن ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀا??تي ظلمن بابت پمفليٽ ورهايا ويندا. مظفرآباد سميت آزاد ڄمون ۽ ڪسمير جي سمورن شهرن ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي. قومي ترانو هلايو ويندو ۽ ريليون ڪڍيون وينديون. راولاڪوٽ يونيورسٽي ۾ 5 آگسٽ جي مناسبت سان تقريري مقابلا م??عق?? ڪيا پيا وڃن. پاڪستان جي سمورن صوبائي هيڊڪوارٽرز ۾ پڻ هڪ منٽ جي خاموشي ۽ ريليز م??عق?? ڪيون پيون وڃن. پاڪستان جي ضلعي هيڊڪاورٽرز ۽ تعلقن ۾ پڻ ان ڏينهن جي مناسبت سان خصوصي پروگرامز جوڙيا ويا آهن. پنجاب حڪومت ڪرتارپور ۽ واهگه بارڊر تي ان ڏينهن جي حوالي سان خصوصي بينرز هڻندي جڏهن ته سياحتي جاين تي به خصوصي بينرز هنيا ويندا ۽ سياحن ۾ خصوصي پمفليٽ ورهايا ويندا.