اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي حياتي بچائيندڙ سي پي آر ٽريننگ مهم جي رجسٽريشن جي شرو??ات ڪئي وئي. جڏهن ته وزيراعظم اس??ريٽجڪ ريفارمز جي سربراهه سلمان صوفي مهم جو حصو بڻجڻ جي خواهشمند رضاڪارن تي زور ڏنو آهي ته اهي 1166 تي ڪال ڪ??ي پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سلمان صوفي چيو ته اهڙا ماڻهو جيڪي اڳ ۾ ئي سي پي آر ۾ پيشيواراڻي تربيت يافته آهن اهي رضاڪارن جي تربيت لاءِ رجسٽريشن ڪ??ائين، مهم جو حصو بڻجن، تربيت حاصل ??ن، 10 وڌيڪ ماڻهن کي بنيادي سي پي آر جي ٽريننگ ڏين ۽ انعام حاصل ڪن. هن ٻڌايو ته ٽريننگ جي رجسٽريشن لاءِ ڪنهن به عمر جا ماڻهو اهل هوندا. هن نوجوانن، عور??ن، ٻارن ۽ وڏي عمر جي ماڻهن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي رجسٽريشن ڪ??ائين. هن چيو ته ايمرجنسي جي صورتحال ۾ وقت سر سي پي آر سان ڪنهن انسان جي حياتي بچائي سگهجي ٿي.