گلگت/اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هاءِ اسڪول نمبر 1 گلگت ۾ ٻارن کي ٽيڪنالاجي سان متعارف ڪرا??ڻ جي سلسلي ۾ لڳايل ڪيمپ جو دورو ڪيو، صدر اسڪول جي شاگرد?? ۽ ??اگرديا??ين کي جديد ٽيڪنالاجي جهڙوڪ ڪمپيوٽر پروگرامنگ، ويب ڊولپمينٽ جي تربيت ڏيڻ جي قدمن جي واکاڻ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب گلگت ۾ ڪيمپ جي دوري دوران صدر کي ٽيڪنالاجي ڪيمپ ۾ فراهم ڪيل سهولتن جي باري ۾ ٻڌايو ويو، شروعاتي طور تي 30 سرڪاري اسڪولن جي 1500 شاگرد?? ۽ ??اگرديا??ين کي بنيادي ٽيڪنالاجي ۾ تربيت ڏن?? ويندي، ايندڙ مرحلي ۾ ان اهم پروگرام کي 130 سرڪاري اسڪولن تائين سگهه ڏن?? ويندي، صدر انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مهارت حاصل ڪندڙ شاگردن جي حوصلا افزائي ڪئي، هن گلگت ۾ ٽيڪنالاجي بوٽ ڪيمپ جو باقاعده افتتاح به ڪيو.