اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان ??ري?? اورنگزيب چيو آهي ته ??نجاب اسيمبلي جي پريس گيلري ۾ جيمرز هڻڻ صحافي?? کي انهن جي پيشيواراڻي فرضن کان روڪڻ جي ڪوشش آهي، پوڻا چار سالن تائين پي ٽي آءِ ميڊيا تي پابنديون لڳايون، سينسرشپ ڪئي، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز تي ظلم ڪيو، اڄ هڪ وڏي اليڪشن ٿي رهي آهي ۽ صحافي?? کي انهن جي ذميوارين کان روڪڻ جي لاءِ جيمرز لڳايا ويا آهن، اسان ان عمل جي مذمت ڪريون ٿا ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته ??نجاب اسيمبلي جي پريس گيلري مان جيمرز فوري طور تي هٽايا وڃن. پنجاب اسيمبلي ۾ جيمرز لڳائڻ جي حوالي سان ڳالهائيندي مسلم ليگ (ن) جي ترجمان ??ري?? اورنگزيب چيو ته ??نجاب اسيمبلي جي پريس گيلر ۾ جيمرز لڳايا ويا آهن، ملندڙ فوٽيج ميڊيا سان شيئر به ڪئي ويندي. هن چيو ته ??اڪستان تحريڪ انصاف پوڻا چار سالن تائين ميڊيا تي پابنديون لڳايون، سينسرشپ ڪئي، صحافين ۽ ميديا ورڪرز تي ظلم ڪيو ويو، اڄ هڪ وڏي اليڪشن ٿيڻ وڃي رهي آهي ۽ جيمرز لڳائي ميڊيا کي صحافتي ذميوارين کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ان کان اڳ به جڏهن اها اليڪشن ٿيڻي هئي ان وقت به ميڊيا کي اندر وڃڻ جي اجازت نه هئي. هن چيو ته ??نجاب اسيمبلي جي پريس گيلري ۾ جيمرز لڳل هوندا ته ??يڊيا ڇا رپورٽ ڪندي؟ هن چيو ته جيمرز لڳائڻ جو مقصد اهو ئي آهي ته اسيمبلي ۾ جيڪا حرڪت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا اها ميڊيا رپورٽ نه ڪري س??هي. هن مطالبو ڪيو ته ??وري طور تي پنجاب اسيمبلي جي پريس گيلر مان جيمرز هٽايا وڃن. ??ري?? اورنگزيب چيو ته ??الائق چورن جي ٽولي کي جهڙي طرح قومي اسيمبلي مان ٻاهر اڇلايو ويو آهي اهڙي طرح پنجاب اسيمبلي کان به ٻاهر موڪليو ويندو. هن چيو ته ??نڍي ذهنيت واريون حرڪتون بند ٿيڻ گهرجن، جيمرز کي فوري طور تي هٽايو وڃي.