اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جرمن چا??سلر اولف شولز جا سندس مبارڪباد واري پيغام تي ٿورا مڃيا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم جرمن چا??سلر جا ٿورا مڃيندي چيو ته هو پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ پراڻن ۽ گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ جرمن چا??سلر سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم چيو ته علائقائي امن ۽ ترقي ??ي لاءِ پاڪستان ۽ جرمني جي حصيداري انتهائي اهميت رکندڙ آهي.