اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) قو??ي سلامتي ڪميٽي خط تي گهري ڳڻتي جو اظهار ۽ غير ملڪي عهديدارن پاران استعمال ڪيل زبان کي غير سفارتي قرار ڏيندي چيو آهي ته خط پاڪستان جي اندرين معاملن ۾ کلي مداخلت جي برابر آهي جيڪو ڪنهن به حالت ۾ ناقابل قبول آهي. ان تي باقاعده سفارتي ذريعن سان سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو وزير??عظ?? عمران خان جي صدارت ۾ قو??ي سلامتي ڪميٽي جو 37 هون اجلاس وزير??عظ?? هائوس ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ دفاع، توانائي، اطلاعات ۽ نشريات، گهرو، ناڻي، انساني حقن، منصوبابندي جي وفاقي وزيرن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس، قو??ي سلامتي جي صلاحڪار ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ ??اران جاري پڌرنامي موجب قو??ي سلامتي واري صلاحڪار ڪميٽي کي هڪ ٻاهرين ملڪ جي سينئر عهديدار جي ان ملڪ ۾ هڪ باضابطه اجلاس ۾ پاڪستان جي سفير کي باضابطه خط جي باري ۾ آگاهه ڪيو جنهن ۾ سفير پرڏيهي وزارت کي باقاعده طور تي آگاهه ڪيو. ڪميٽي خط تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي غير ملڪي عهديدارن پاران استعمال ڪيل زبان کي غير سفارتي قرار ڏنو، ڪميٽي اهو نتيجو ڪڍيو ته اهو خط ڄاڻايل ملڪ پاران پاڪستان جي داخلي معاملن ۾ کلي مداخلت جي برابر آهي جيڪو ڪنهن به حالت ۾ ناقابل قبول آهي، ڪميٽي فيصلو ڪيو ته پاڪستان سفارتي قدمن کي نظر ۾ رکندي باضابطه ذريعي سان اسلام آباد ۽ ان ملڪ جي گادي واري شهر ۾ سخت احتجاج رڪارڊ ڪرائيندو. شرڪت ڪندڙن جي قو??ي سلامتي ڪميٽي جي ان ڪئميرا بريفنگ جي ذريعي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ 30 مارچ 2022 تي وزير??عظ?? جي صدارت ۾ منعقد ٿيندڙ خصوصي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪابينا جي ڪيل فيصلي جي توثيق ڪئي.