اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچ??تا?? ۽ ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي لاءِ سندس حڪومت ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، ريڪوڊڪ معاهدي سان بلوچ??تا?? ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري شروع ٿيندي جنهن سان بلوچ??تا?? ۾ عام شهرين جي زندگي جو معيار بدلجي ويندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان چاغي ۾ تانبي ۽ سون جي کاڻين جي ترقي بابت ٽيٿيان ڪاپر ڪمپني (ٽي سي سي) سان ڊگهي عرصي ک??ن جاري ريڪوڊڪ تڪرار کي ڪاميابي سان حل ڪرڻ کانپوءِ پاڪ??تا?? حڪومت، بلوچ??تا?? حڪومت ۽ ڪئناڊا جي بيرڪ گولڊ ڪارپوريشن جي وچ ۾ ٿيندڙ معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. نئين معاهدي تي آچر ڏينهن وفاقي ۽ بلوچ??تا?? حڪومت جي نمائندن ۽ بيرڪ گولڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر مارڪ برسٽو جي قيادت ۾ وفد صحيحون ڪيون. نئين معاهدي جي شرطن موجب بيرڪ گولڊ ڪمپني ريڪوڊڪ منصوبو پاڪ??تا??ي ادارن سان حصيداري ۾ بحال ۽ تيار ڪندي. منصوبي ۾ بيرڪ گولڊ ڪمپني جو 50 سيڪڙو حصو هوندو. باقي 50 سيڪڙو حصيداري پاڪ??تا?? جي ملڪيت هوندي جيڪا وفاقي ۽ بلوچ??تا?? جي صوبائي حڪومت جي وچ ۾ برابر طور ورڇ ٿيندي. معاهدي تحت وفاقي حڪومت جي 25 سيڪڙو حصيداري کي وفاقي حڪومت جي ٽن سرڪاري ڪاروباري ادارن (ايس او ايز) آئل اينڊ گئس ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل)، پاڪ??تا?? پيٽروليم لميٽيڊ (پي پي ايل) ۽ گورنمينٽ هولڊنگز پاڪ??تا?? لميٽيڊ (جي ايڇ پي ايل) ۾ برابر ورهايو ويندو. بلوچ??تا?? جو حصو هڪ ڪمپني وٽ هوندو جنهن جي مڪمل ملڪيت ۽ ڪنٽرول بلوچ??تا?? حڪومت وٽ هوندو. بلوچ??تا?? جي لاءِ وزيراعظم عمران خ??ن جي ويزن موجب منصوبي ۾ بلوچ??تا?? حڪومت جي حصي جو سرمايو ۽ آپريٽنگ خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي يعني ٻين لفظن ۾ بلوچ??تا?? حڪومت کاڻين جي ترقي تي ڪو مصارف ادا نه ڪندي ۽ ان حوالي سان خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي. منصوبي کي اڳتي وڌائڻ جي ڏس ۾ بلوچ??تا?? ۾ اٽڪل 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي ويندي، جنهن ۾ رستن، اسڪولن، اسپتالن ۽ کاڻيون کوٽڻ جي لاءِ ٽيڪنيڪل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ جي جوڙجڪ جهڙن سماجي ترقي جي منصوبن جي لاءِ 1 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري به شامل آهي. معاهدي جي نتيجي ۾ سيڙپڪاري سان 800 کان وڌيڪ نيون نوڪريون پيدا ٿينديون ۽ ان سان بلوچ??تا?? پاڪ??تا?? ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري مان وڌيڪ فائدو کڻندڙ صوبو بڻجي ويندو، ريڪوڊڪ منصوبو دنيا ۾ تانبي ۽ سون جي کاڻيون کوٽڻ جي سڀ کان وڏن منصوبن مان هڪ هوندو. ملڪ جي معدني دولت جي وڌ کان وڌ استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت سميلٽر (خام ڌات کي پگهرڻ وارو ڪارخانو) قائم ڪرڻ تي پڻ غور ڪري رهي آهي. هي معاهدو گذريل ٽن سالن دوران ڳالهه ٻولهه جي ڪ??تر?? ئي دورن کانپوءِ طئي ٿيو آهي. آگسٽ 2019ع ۾ وزيراعظم عمران خان معدنيات جي کاڻين جي جلد ترقي جي مقصد تحت ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ان ڪوشش ۾ عالمي صلاحڪارن جي مدد حاصل هئي. حڪومت ان معاملي کي پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ آڏو پڻ پيش ڪندي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڇي ته معاهدو سمورن قانونن موجب طئي ٿيو آهي. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته بلوچ??تا?? ۽ ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي لاءِ سندس حڪومت ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان سيڙپڪاري سان بلوچ??تا?? ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري شروع ٿيندي جنهن سان بلوچ??تا?? ۾ عام شهرين جو معيار زندگي بدلجي ويندو. وزيراعظم بلوچ??تا?? جي عوام جي لاءِ شفاف ۽ سازگار معاهدو ڪرڻ تي ڳالهين واري ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان سان بيرڪ گولڊ ڪارپوريشن جي وفد ملاقات ڪئي. پاڪ??تا?? ۾ ڪئناڊا جو هاءِ ڪمشنر وينڊي گلمور پڻ ان موقعي تي موجود هو.