اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب ??ي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پنجاب جو چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل ۽ آءِ جي پنجاب رائو سردار علي خان پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ پنجاب صوبي جي ??نتظامي ۽ امن امان جي مجموعي صورتحال سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم کي صوبي جي ??ندر جاري مختلف ترقياتي منصوبن جي ??ڳڀرائي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم صوبي ۾ عام ماڻهو کي فوري ۽ موثر خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ ج?? لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ ج?? هدايت ڪئي. هن عوام جي ??ان ۽ مال ۽ مفادن جي ??حفظ جي لاءِ شرپسندن، ذخيره اندوزن ۽ قبضا مافيا جي ??لاف موثر قدم کڻڻ ج?? پڻ هدايت ڪئي.