اسلام آباد – 02 فيبر??ري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيني قيادت جي خصوصي دعوت تي ونٽر اولمپڪ گميز جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ 3 کان 6 فيبر??ري 2022ع تي چين جو دورو ڪندو. ڪابينا جي ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن سميت اعليٰ سطح جو وفد به وزيراعظم سان گڏ هوندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٽن ڏينهن جي د??ري دوران وزيراعظم عمران خان، صدر شي جن پنگ ۽ چيني وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان ملاقات ڪندو. پاڪستان ۽ چيني اڳواڻ ملاقاتن ۾ سي پيڪ سميت مستحڪم واپاري ۽ خاص طور تي اقتصادي تعاون سميت ٻط??في لاڳاپن جي سڀني رخن جو جائزو وٺندا، پاڪستاني ۽ چيني اڳواڻ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به وڏي پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا، وزيراعظم بيجنگ ۾ چين جي مشهور ڪاروباري اڳواڻن ۽ چين جي ٿنڪ ٽينڪس، تعليمي ادارن ۽ ميڊيا جي اڳواڻن سان به ملاقات ڪندو، وزيراعظم ان موقعي تي ٻيون ٻطرفيون ملاقاتون به ڪندو، هڪ عالمي ايونٽ جي طور تي سرمائي اولمپڪ گيمز جو دنيا جي ماڻهو جي وچ ۾ گڏيل افهام ۽ تفهيم، شموليت ۽ دوستي کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار آهي. بيجنگ جلد ئي اولمپڪ گميز جي سردي ۽ گرمي واري مند ٻنهي ايڊيشن جي ميزباني ڪرڻ وارو پهريون شهر بڻجي ويندو، اها ڳالهه انتها??ي واکاڻ جوڳي آهي ته چيني حڪومت ڪووڊ – 19 وبا جي باوجود سرمائي اولمپڪ گيمز جي انقعاد لاءِ محتاط انتظام ڪري رکيا آهن. وزيراعظم جو اهو دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ حصيداري کي بلندين جي نئين سطح تائين وٺي وڃڻ لاءِ ٻط??في عزم جي تجديد ڪندو ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيندو. ان د??ري دوران ڪيترن ئي ايم او يوز ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون وينديون.