اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اسان منظم مافيا کي منهن ڏئي رهيا آهيون، عالمي بئنڪ پاڪستان جي 5.37 سيڪڙو ترقي جي تصديق ڪري رهيو آهي، ڪورونا وائرس جي و??ا کي منهن ڏيڻ حڪومتي پاليسين جي عالمي سطح تي و??کاڻ ٿي رهي آهي ته اهڙي وقت ۾ ٽرانسپرينسي انٽرنيشنل جي بي تُڪي رپورٽ اچي ٿي جنهن جو سر آهي نه پير ۽ هڪ پريس رليز تي هيڊ لائينون لڳي وينديون آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٽرانسپيرينسي انٽرنيشنل جي رپورٽ چئي ٿي ته پاڪستان ۾ رول آف لا ۾ تنزلي ٿي پر ڪنهن کي خبر ناهي ته هو ايئن ڇو چئي رهيا آهن؟ رپورٽ ۾ مالياتي ڪرپشن جو تذڪرو به ناهي پر پريس رليز ۾ اهڙا قصا جوڙيا و??ا ته ڪرپٽ اپوزيشن جي به جرئت ٿي ته حڪومت تي تنقيد ڪري، هن چيو ته ن ليگ ۽ فضل الر??ما?? عمران خان جي حڪومت کي ڪرپٽ چون، ان کي آسمان تي ٿڪڻ چوندا آهن.