اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ راندين جي فروغ تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن جي اظهار لاءِ موقعا ف??اه?? ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، رانديگرن جي چونڊ ۾ ميرٽ جي بالادستي کي يقيني بڻائيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نوجوانن جي معاملن بابت خاص مددگار عثمان ڊار، عاقب جاويد، رانا عاطف ۽ ڪرڪيٽر شاهين آفريدي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي 68 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، کين پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جا موقعا ف??اه?? ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ راندين جي فروغ تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو پيو وڃي ته رانديگرن جي چونڊ ۾ ميرٽ جي بالادستي هجي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ ڪامياب جوان اسپور??س ڊرائيور جي ڪاميابي ۽ ان جي نتيجي ۾ نوجوانن کي مختلف راندين ۾ پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جا موقعا ميسر اچڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، خاص طور تي ڪرڪيٽ ۾ ڪامياب جوان ۽ لاهور قلندر جي تعاون سان ٽئلينٽ هنٽ پروگرام ۾ اڀرندڙ ڪرڪيٽرز جي ايندڙ پاڪستان سپر ليگ ۾ شم??لي?? جي حوالي سان به وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو جنهن تي وزيراعظم لاهور قلندر ۽ ڪامياب جوان پروگرام جي ڪوششن کي سا??اه??و. وزيراعظم ڪرڪيٽر شاهين شاهه آفريدي جي ورلڊ ڪپ ۾ ڪارڪردگي کي سا??اه??ندي وڌيڪ محنت سان پاڪستاني ڪرڪيٽ ۾ پنهنجو مثبت ڪردار جاري رکڻ ??ي تلقين ڪئي.