اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او ??ءِ سي) ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي افغانستان جي حوالي سان 19 ڊسمبر تي ٿيندڙ 17 هين غير معمولي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب ج?? وفد اسلام آبا?? پهچي ويو، هتي پهچندڙ وفد ۾ سعودي عرب جي افغان معاملن جي سربراهه شهزاده عبدالله بن خالد بن سعود الڪبير، پي پي ڊپارٽمينٽ جو سربراهه شهزاده جيلو وي بن ترڪي شامل آهن. پاڪستان ۾ سعودي عرب جو سفير نواف بن سعد المالڪي ۽ گهرو معاملن وا??ي وزارت جي اعليٰ عملدارن مهمانن جي آجيان ڪئي، ميزبان ملڪ پاران مهمانن جي ريڊ ڪارپيٽ آجيان ڪئي وئي .