اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) بين المذاهب هم آهنگي بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ۽ پاڪستان ??لماء ڪائونسل جي چيئرمين حافظ محمد طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن قوم کي گڏ ڪري اڳتي وڌڻ جو ڏينهن آهي، موجوده حڪومت جي دؤر ۾ اقليتن کي حق مليا آهن، جهڙيءَ ريت قوم اي پي ايس سانحي تي متحد ٿي هئي اهڙيءَ طرح سيالڪوٽ واقعي تي قومي اتحاد جو مظاهرو ڪيو ويو. مسيحي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته آئين پاڪستان ??حت زندگي گذاريندڙن کي ڪا پريشاني ناهي، اڄ جو ڏينهن قوم کي گڏ ڪري اڳتي وڌڻ جو ڏينهن آهي. هن چيو ته موجوده حڪومتي دؤر ۾ اقليتن کي حق مليا آهن. سيالڪوٽ ۾ هڪ چرچ ۾ بين المذاهب هم آهنگي تقريب جو ??ندوبست ڪيو پيو وڃي، ان ۾ مان پاڻ شرڪت ڪندس. هن چيو ته قومي مسئلن ۽ دهشتگرديءَ جو ??ل قومي ايڪشن پلان ۾ آهي، نيشنل ايڪشن پلان ??ي نظرثاني ٿي رهي آهي. گذريل حڪومتن ۾ نيشنل ايڪشن پلان ??رف مسجدن جا لائوڊ اسپيڪر لائڻ تي محدود هو، وزيراعظم عمران ??ان ??ن حوالي سان هڪ ميٽنگ ڪري چڪو آهي. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن اي پي ايس سانحو ٿيو هو، ان ??زم سان ??غاز ڪري رهيا آهيون ته پاڪستان ??ڀني جو ??هي، اسان پاڪستان ??ي بچاءَ ۽ ترقي لاءِ ملي ڪري ڪم ڪنداسين، جهڙيءَ طرح قوم اي پي ايس سانحي تي متحد ٿي اهڙيءَ طرح ئي سيالڪوٽ واقعي تي قومي اتحاد جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته اسان وٽ توهين مذهب جو 137 شڪايتون آيون، جيڪڏهن ڪو توهين ڪري ٿو ته ان ??ي شڪايت کڻي عدالت ۾ يا پوليس وٽ وڃو، ان ??والي سان قانون موجود آهي، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه آهي.