اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان ۾ انساني الميو هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌي رهيو آهي، سرد موسم ۾ افغانستان جا ماڻهو بدترين انساني بحران کي منهن ڏئي رهيا ??هن، 19 ڊسمبر تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس ۾ افغانستان جي اندر انساني الميي جي صورتحال تي ڌيان ڏنو ويندو، ??سا?? جي ڪوشش آهي ته سعودي عرب سميت ٻين ڀائر ملڪن سان گڏجي اهڙو ميڪنزم جوڙيو وڃي جنهن سان افغانستان جي ماڻهن جي م??د ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي سفارتخاني جي اهتمام هيٺ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان افغانستان جي هر ممڪن م??د ڪري رهيو آهي. ??سا?? ٻه لک 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ افغانستان کي فراهم ڪري رهيا ??هيون، پاڪستان افغانستان کان درآمد ڪيل 40 شين تي ڊيوٽي ختم ڪئي آهي، ان قدم سان افغانستان جي ڪاروباري ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۾ مدد ملندي، هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس بنيادي طور تي غير سياسي اجلاس هوندو جنهن ۾ صرف افغانستان جي انساني همدردي جي بنياد تي مدد تي ڌيان ڏنو ويندو. چوڌري فواد حسين چيو ته ??سا?? جي ڪوشش آهي ته دنيا ??فغانستان جي مدد لاءِ گڏجي ويهي، افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ”دي اڪانومسٽ“ گذريل مهيني پنهنجي رپورٽ ۾ افغانستان جي اندر انساني الميي جو ذڪر ڪيو جيڪو يمن، شام ۽ عراق کان وڏو ٿي سگهي ٿو، اهڙي صورتحال ۾ ??سا?? کي افغانستان جي عوام جي مدد تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته ??سا?? سياست تي بعد ۾ به ڳالهه ڪري سگهون ٿا پر افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني الميي تي ڳالهه ڪرڻ ۾ دير نٿا ڪري سگهون. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان سدائين افغانستان ۾ امن جي ڳالهه ڪئي آهي، ??سا?? جي حڪومت افغانستان ۾ امن لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هن ٻڌايو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس 1980ع کانپوءِ پاڪستان جو سڀ کان وڏو پرڏيهي معاملن جو ايونٽ هوندو. جنهن۾ 27 ملڪن جا پرڏيهي وزير شرڪت ڪندا جڏهن ته 84 ملڪن جي نمائندگي هوندي. چوڌري فواد حسين چيو ته سعودي عرب سان ??سا?? جا ڀائراڻا لاڳاپا پاڪستان ٺهڻ کان پهرين جا قائم آهن، جڏهن سعودي عرب جو شاهه عبدالعزيز 1946ع ۾ ڪراچي ??يو ته آل انڊيا مسلم ليگ جي قيادت سندس استقبال ڪيو جنهن ۾ مرحوم ايم اي ايڇ اصفهاني به شامل هو.