اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سعودي ع??ب جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اڱاري جي صبح اسلام آباد پهچي ويو آهي. هو سعودي ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان جي دعوت تي ٽن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب ويو هو. دوري جي پڄاڻي تي هو رياض ۾ سعودي ع??ب جي نائب پرڏيهي وزير عادل بن احمد ال جبير وزيراعظم کي الوداع ڪيو. دوري تي وزيراعظم سان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ت??انائي وا??و وزير حماد اظهر، ناڻي وا??و وزير شوڪت ترين، وزيراعظم جو خ??ص مددگار ملڪ امين اسلم به گڏ هئا، وزيراعظم مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽيو سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ اجلاس کي خطاب به ڪيو. هن سعودي ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان سان ملاقات به ڪئي، دوري جي موقعي تي وزيراعظم سعودي عرب پاڪستان انويسٽمينٽ فورم کي به خطاب ڪيو. وزيراعظم وفد جي سان گڏ روضه رسول ﷺ تي حاضري ڏني ۽ مسجد نبوي ۾ نوافل ادا ڪيا، هن عمري جي سعادت به حاصل ڪئي ۽ پاڪستان جي س??ام??ي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا به ڪئي.