دبئي – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گڏيل عرب امارات ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪرد??ر ادا ڪري رهيا آهن، دبئي ايڪسپو 2020ع خطي ۽ ٻين ملڪن کي ملٽي نيشنل ڪمپنين سان رابطن ۽ حصيداري قائم ڪرڻ جو هڪ منفرد موقعو فراهم ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن دبئي ۾ گڏيل عرب امارات جي و??يراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان ملاقات دوران ڪيو. صدر گڏيل عرب امارات جي و??يراعظم کي دبئي ايڪسپو 2020ع جي ڪامياب افتتاح تي مبارڪباد ڏني. صدر چيو ته ايڪسپو 2020ع نه رڳو گڏيل عرب امارات پر پوري خطي جي لا??ِ هڪ اهم ايونٽ آهي، دبئي ايڪسپو 2020ع خطي ۽ ٻين ملڪن کي ملٽي نيشنل ڪمپنين سان رابطن ۽ حصيداري قائم ڪرڻ جو هڪ منفرد موقعو فراهم ڪندو. هن گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ ايڪسپو مئنيجمينٽ ٽيم جي زبردست ڪوششن کي ساراهيو جيڪي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ متنوع ۽ وسيع پئماني تي حصو وٺندڙ نمائش جو اهتمام ڪري رهيا آهن، جيڪا 6 مهينن تائين لڳائي ويندي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل عرب امارات جي و??يراعظم کي پاڪستان پويلين بابت ٻڌايو ۽ چيو ته پاڪستان پويلين پاڪستان جي لڪل ۽ دريافت ٿيل خزانن جي نمائش ڪندو. صدر اماراتي و??يراعظم کي گڏيل عرب امارات جي گولڊن جوبلي تقريبن تي پڻ مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته گڏيل عرب امارات جي قيادت پنهنجي ملڪ کي علائقائي و??پار، ٽرانسپورٽ، لا??سٽڪس، ٽيڪنالاجي ۽ سياحت جي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪرد??ر ادا ڪيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ شيخ راشد المڪتوم افغانستان جي صورتحال سميت ٻطرفي ۽ علائقائي دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر وزيراعظم کي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قابض ڀارتي هٿياربند فوج پاران ڪشميري مسلمانن جي بنيادي انساني حقن جي مسلسل ۽ صريحن خل??ف ورزين کان پڻ آگاهه ڪيو. صدر گڏيل عرب امارات ۾ 16 لک پاڪستانين جي ميزباني تي گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته گڏيل عرب امارات ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪرد??ر ادا ڪري رهيا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي و??جائيندي صدر پاڪستان جي گڏيل عرب امارات سان سمورن شعبن ۾ ويجهي ۽ گهري تعاون جي خواهش کي و??جايو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل عرب امارات جو ٻن ڏينهن جو ٻطرفو دورو ڪري رهيو آهي. گڏيل عرب امارات جي و??يراعظم سان ملاقات کانپوءِ هن دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان پويلين جو باقاعده افتتاح ڪيو.