اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪس??ان روس سان واپار ۽ توانائيءَ جي حوالي سان ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي مشاورت جو سلسلو جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس مطابق شاهه محمود قريشي خميس ڏينهن دوشنبي ۾ منعقد شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي روس جي هم منصب سرگئي لاروف سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻه طرفن ناتن، مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۽ علائقائي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. پرڏيهي وزير روس جي پرڏيهي وزير کي اپريل 2021ع ۾ ڪيل پاڪس??ان جي دؤري جو حوالو ڏيندي چيو ته روس سان ٻه طرفه ناتا پاڪس??ان جي پرڏيهي پاليسيءَ جي ترجيحات ۾ شامل آهن. پاڪستان، روس سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، عوام جي سطح تي رابطن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي فورمز تي ناتن جي استحڪام لاءِ پُرعزم آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ افغانس??ان ۾ امن کي اڻٽر سمجهي ٿو. موجوده صورتحال ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانس??ان ۾ انساني بنيادن تي خوراڪ ۽ دوائن جي فراهميءَ کي يقيني بڻايو وڃي. ان نازڪ مرحلي تي افغان شهرين کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، عالمي برادري افغانين جي معاشي ۽ انساني مدد لاءِ اڳيان وڌي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪس??ان ماسڪو ۾ بين الحڪومتي ڪميشن فار واپار ۽ ٽريڊ جي جلد اجلاس منعقد ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي، ان کان علاوه پاڪس??ان اسٽريم گيس پائپ لائن منصوبي کي جلد عملي جامو پهرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. اي پي پي/م – ش/ح R11; ق 19:39