ڪابل -14 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪابل ۾ پاڪستان جي سفير منصور احمد خان افغانستان جي نئين مقرر ڪيل پرڏيهي وزير امير خان متق?? سان ملاقات ڪئي ۽ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي غور ويچار ڪيو. پاڪستاني سفير منصور احمد خان طرفان جا??ي ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات ۾ خاص طور تي انساني همدردي، معيشت ۽ عوامي سطح تي هڪٻئ?? سان سهڪار ڪرڻ ۽ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون.