اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ملائيشيا سان لاڳاپن ??ي خاص اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل مفادن لاءِ واپار، ثقافت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تع??ون وڌائڻ جي ضر??رت آهي، ملائيشيا کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ملائيشيا جي عهدو ڇڏيندڙ هائي ڪمشنر اڪرام بن محمد ابراهيم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. صد?? چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا مختلف شعبن ۾ بهترين لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي اتفاق راءِ رکن ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ زبردست خير سگالي موجود آهي، صد?? چيو ته ٻطرفي گڏيل فائدن لاءِ گڏيل تع??ون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضر??رت آهي. پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا زبردست موقعا ۽ سازگار ماحول موجود آهي. صدر