اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته 90 لک پرڏيهي پاڪستاني اسان جو اثاثو آ??ن، سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۽ سفير طرفان پرڏيهي پاڪستانين جو خيال نه رکڻ ۽ پئسا وٺڻ جي شڪايتن جي جاچ ڪرائي ان ۾ ملوث عنصرن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪنداسين، جيستائين ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو نٿو ٿئي تيستائين پرڏيهي پاڪستاني ان فرق کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا، پنهنجي خاندانن کان ڪيترائي سال پري رهي محنت مزدوري ڪري پنهنجي ملڪ مٽاسٽا جو ناڻو موڪليندڙ پرڏيهي پاڪستاني اسان جا محسن آ??ن، اسان جي سفارتخانن پاران انهن جي تحسين ٿيڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ روشن ڊ??يٽل اڪائونٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته روشن ڊ??يٽل اڪائونٽ ڊگهي عرصي کان هڪ ارب ڊالر جو اهم سنگ ميل عبور ڪيو آهي، ان تي رضا باقر ۽ سندس ٽيم کي مبارڪون ڏيون ٿا، ان کي اڳتي وڌائن ۽ پرڏيهي پاڪستانين لاءِ روشن ڊ??يٽل ڪار ۽ سماجي خدمت به ڪامياب ٿيندي. هن چيو ته 90 لک پرڏيهي پاڪستاني ٻاهرين ملڪن ۾ آ??ن، جيڪڏهن انهن مان اسان 20 لک تائين به پهچي وياسين ته اهو اڪائونٽ وڌيڪ وڌي سگهي ٿو، ان لاءِ مارڪيٽنگ تي غور ڪريو ۽ ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي مارڪيٽنگ جي شعبي ۾ مهارت مان فائدو کڻنداسين. پاڪستان جو مسئلو اهو آه?? ته هتي ڪنهن پنهنجي برآمدات وڌائڻ تي غور ناهي ڪيو، ڊگهي مدي واري منصوبابندي جي کوٽ به اسان جو الميو رهيو آهي، 30 سالن ۾ ڊالر جي گهٽتائي ۽ روانگي واپار گهٽ ٿيڻ جي ڪري 20 ڀيرا عالمي مالياتي فنڊ وٽ وڃڻو پيو، جيستائين اسان جو روانگي واپار نٿو وڌي اوورسيز پاڪستانين تي ڀاڙڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته شوڪت ترين جڏهن پهرين ناڻي وارو وزير هو تڏهن هن روانگي اوپار وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو ۽ هاڻي اهو ٻيو ڀيرو ٿي رهيو آهي، وزيراعظم چيو ته گهرن جي لاءِ عام ماڻهو کي قرض جي فراهمي بئنڪن جي عادت ناهي، امير ماڻهو کي اها سهولت آرام سان ملي ويندي آهي ان لاءِ بئنڪن کي پنهنجي عملي جي تربيت جي ضرورت آهي، هن چيو ته تعميراتي شعبي ۾ گهڻي بهتري آئي آهي، هڪ سال جي رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو آيو آهي ۽ ماضي جو سمورو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، تنهن هوندي به اهو گهٽ آهي، اسان کي ان طرف وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري سان روپئي جي دٻاءُ پوندو آهي ان سان واڌ جي شرح ۽ ٻاهرين سيڙپڪاري به متاثر ٿيندي آهي، روشن ڊ??يٽل اهم پروگرام آهي، بئنڪن جهڙي طرح ساٿ ڏنو آهي ان کي ساراهيون ٿا، اسان کي هائوسنگ جي شعبي ۾ بئنڪن جو تمام وڏو ڪردار گهربل آهي.