اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊ عمل ۾ شفافيت لاءِ آءِ ووٽنگ جي نظام جي اهميت تي زور ڏيندي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته جديد سيڪ??ور??ي خاصيتن جي حامل اليڪٽرانڪ ووٽنگ م??ين جي تياري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ ڪيو وڃي، انٽرنيٽ ووٽنگ سسٽم سان نه رڳو سمنڊ پار پاڪستانين کي سهولت ملندي پر مجموعي چونڊ عمل ۾ به بهتري ايندي. هو انٽرنيٽ ووٽنگ بابت ا??مر??نگ ٽيڪنالاجيز بابت ذيلي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو ه??. صدر ملڪ ۾ چونڊ عمل ۾ شفافيت لاءِ آءِ ووٽنگ جو نظام متعارف ڪرائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ان ڏس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته جديد سيڪ??ور??ي خصوصيتن جي حامل اليڪٽرانڪ ووٽنگ م??ين جي تياري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته انٽرنيٽ ووٽنگ سسٽم متعارف ٿيڻ سان جتي سمنڊ پار پاڪستانين کي سهولت ميسر ايندي اتي ان سان ملڪ جي مجموعي چونڊ عمل ۾ به بهتري ايندي. صدر چيو ته چونڊ عمل جي ساک محفوظ بڻائڻ لاءِ چونڊ سامان جي سيڪ??ور??ي ۽ ٻي عمل کي فول پروف ۽ شفاف هجڻ گهرجي. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز وزارت پاران اليڪٽرانڪ ووٽنگ م??ين جي تياري لاءِ قدمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني.