اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته (ن) ليگ ثابت ڪيو ته هو پاناما کان ڪورونا تائين نڪ جي پڪائي سان ڪوڙ ڳالهائڻ جي فن ۾ لاث??ني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته دنيا ڪورونا تي ضابطو آڻي ورتو آهي، پر اسان وٽ وڌي رهيو آهي. اهو ظاهر ڪري ٿو ته (ن) ل??گ جي ليڊرشپ اخلاقي طور تي ڏيوالپڻي جو شڪار آهي ۽ کين وڏي کان وڏو ڪو?? به آس??ني سان ڳالهائڻ جي مهارت حاصل آهي