اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جا لاڳاپا گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل ??هن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت جي وڏي صلاحيت موجود آهي، پاڪستان ٻڌمت جي مقدس جاين ۽ آثار جو شاندار امين آهي، عوامي رابطن ۽ مذهب?? سياحت سان بطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۾ مددگار ثابت سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سريلنڪا جي ٻڌ راهبن جي هڪ وفد سان ڳالهائيند?? ڪيو جن??ن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.