اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ وقتي اسپيڪر قاسم خان سوري آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي نئين چونڊيل صدر سرمد علي ۽ سوسائٽي جي ٻين عهديدارن کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. جمعي ڏينهن پنهنجي ڌار ڌار مبارڪباد وارن پ??غا??ن ۾ هنن نئين چونڊيل صدر سرمد علي، سينئر نائب صدر جميل اطهر، نائب صدر شهاب زبيري، سيڪريٽري جنرل نظافرين سهگل لاکاڻي، جوائنٽ سيڪريٽري محسن بلال، فنانس سيڪريٽري اويس خوشنود ۽ ٻين چونڊيل عهديدارن کي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. هنن چيو ته انهن جي چونڊ انهن جي قائداڻي صلاحيتن تي صحافي برادري جي اعتماد جو ثب??ت آهي. اسپيڪر ۽ وقتي اسپيڪر جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام جي لاءِ اظهار راءِ جي آزادي ضروري آهي. هنن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اي پي اي?? ايس جي نئين چونڊيل قيادت ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ هڪ فلاحي ۽ راودار معاشري جي فروغ ۾ پنه??جو ڪردار ادا ڪندي رهندي.