اسلام آباد – 09 مارچ (اي ??ي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته وزيراعظم جي قومي اسيمبلي مان ??عتماد جي ووٽ جي موقعي تي جيڪڏهن ڪو ثابت ڪ??ي ته ميمبرن جو تعداد 178 کان گهٽ هو ته عهدو ڇڏي ڏيندس، پريس گئلري پارليامينٽ جو حصو آهي، صحافين کي پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ لاءِ هر قسم جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ سي??يٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سان گڏ ميڊيا سي??ٽر جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي عهديدارن سميت ٻيون شخصيتون به موجود هيون. ميڊيا سي??ٽر ۾ رپورٽرز ۽ ڪئميرا مينن جي لاءِ مختلف سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پريس گئلري پارليامينٽ جو حصو آهي ان لاءِ صحافين جي لاءِ سهولتن جي فراهمي ۽ اظهار راءِ جي آزادي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪنداسين. وزيراعظم قومي اسيمبلي مان ??عتماد جي ووٽ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پوري ميڊيا موجود هئي هر ڪنهن ڏٺو فيصل واوڊا ۽ مون کي ڪڍي ڪل 178 ميمبر موجود هئا.