اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد مان سينيٽ جي سيٽ تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي يوسف رضا گيلاني 169 ووٽ کڻي ڪ??مياب قرار ڏنو ويو جڏهن ته عبدالحفيظ شيخ کي 164 ووٽ مليا، 7 ووٽ رد ٿيا. رٽرننگ آفيسر ظفر اقبال پولنگ ۽ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿيڻ کا??پوءِ نتيجن جو اعلان ڪيو. قومي اسيمبلي هال ۾ سينيٽ جي وفاقي گادي واري شهر مان ٻن خالي سيٽن تي پوولنگ ٿي. پولنگ جي شروعات صبح 9 وڳي کا?? شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهي. ڪل 342 جي ايوان ۾ 340 ميمبرن پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪيو. جماعت اسلامي جي ميمبر عبدالاڪبر چترالي ووٽ جو حق استعمال نه ڪيو جڏهن ته اين اي 75 ڊسڪه جي سيٽ خالي آهي. رٽرننگ آفيسر جا فرض اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري ظفر اقبال ادا ڪيا. قومي اسيمبلي هال کي بطور پولنگ اسٽيشن استعمال ڪيو ويو جتي ٻه پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا هئا. پولنگ بوٿ نمبر هڪ تي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 1 کا?? اين اي 171 جڏهن ته پولنگ بوٿ نمبر ٻه تي اين اي 172 کا?? اين اي 342 تائين ووٽ رکيا ويا هئا. وزيراعظم عمران خان ٻنپهرن جو 12 وڳي جي لڳ ڀڳ پنهنجو ووٽ ??اس?? ڪيو. مخالف ڌر اڳ??اڻ شهباز شريف، اڳ??ڻي مخالف ڌر اڳ??اڻ سيد خورشيد احمد شاهه، خواجه محمد آصف، علي وزير کي نيب ۽ پوليس جي حراست ۾ هجڻ جي ڪ??ي اليڪشن ڪميشن جي خصوصي حڪمن تي ووٽ وجهڻ جي لاءِ پولنگ اسٽيشن تي آندو ويو. شهباز شريف ۽ خورشيد شاهه ڪافي دير ايوان ۾ موجود رهيو. ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي بيلٽ تي ٽِڪ ڪرڻ بدران صحيح ڪري ڇڏي جڏهن ته بعد ۾ هن ٻيهر بيلٽ جي لاءِ رٽرننگ آفيسر وٽ ٻه جدا جدا درخواستون جمع ڪرايون جن تي هن فيصلو محفوظ ڪري ورتو. پولنگ جي مڪمل ٿيڻ کا??پوءِ تحريڪ انصاف پاران ڪنول شوزب ۽ زين قريشي، مسلم ليگ (ن) پاران عطا تارڙ جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي پاران سيد نويد قمر ڳڻپ جي عمل ۾ شريڪ ٿيا. پهرين جنرل سيٽ تي وڌل ووٽن جي ڳڻپ ٿي، پهريون ڀيرو ڳڻپ مڪمل ٿيڻ تي زين قريشي جي چوڻ تي ٻيهر ڳڻپ ڪئي وئي. جنهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر يوسف رضا گيلاني ڪ??مياب ٿيو.