اسلام آباد / گلگت – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? گلگت بلتستان ۾ بلند سطح تي موجود ٻن نئين نيشنل پارڪس جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب 3600 مربع ڪل??ميٽر جي وڏي زمين تي ٻڌل اهي پارڪس گلگت بلتستان جي ڪل ايراضي جي 5 سيڪڙو حصي تي پکڙيل آهن. ”هماليه نيشنل پارڪ“ ۽ ”نانگا پربت نيشنل پارڪس“ اونچن علائقن جا منفرد ماحولياتي علائقا آهن جتي موجود جنگي جيوت ۾ ناياب ٻوٽا ۽ جنگي جانور شامل آهن، انهن ۾ سرفهرست برفاني چي??ا، هماليائي ڀورا رڇ، لداخ اڙيال، آئي بيڪس، مارخور ۽ ڀيڙ شامل آهن.