فيصل آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ايڪسپورٽرز، ٽيڪسٽائيل مينوفيڪچرز ۽ بزنس ڪميونٽي جي اهم اڳواڻن مقامي هوٽل ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران صنعتي ۽ ڪاروباري برداري جي نمائندن چيو ته حڪومتي قدم?? جي ڪري ويليوايڊڊ ايڪسپورٽ وڌي رهي آهي، جڏهن ته توانائي پيڪيج، وقت سر ريفنڊز ۽ ٻين سهولت?? جي ڪري درآمد ڪندڙن ۽ ڪاروباري ب??اد??ي جا گهڻا مسئلا حل ٿيا آهن، ايڪسپورٽرز وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڪورونا وائرس جي وبا دوران به حڪومتي جامع قدمن سان نه رڳو ماڻه?? جي روزگار کي تحفظ مليو پر انه?? قدمن سان روزگار جا نوان موقعا به پيدا ٿيا، هن حڪومتي قدمن کي ساراهيندي يقين ڏياريو ته هو روانگي واپار کي 13 ارب ڊالر کان وڌائي ڪري ايندڙ سال 21 ارب ڊالر تائين وٺي ويندا، هنن روانگي واپار ۽ ڪاروبار ۾ بهتري لاءِ مختلف تجويزون به ڏنيون.